ڀان سيدآباد : سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شاه پنهنجي چونڊ تڪ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پهتو ته ڀان سيدآباد ۽ واهڙ ۾ وڏي تعداد ۾ ٻوڏ متاثر گڏ ٿي ويا، متاثرن وڏي وزير اڳيان دانهون ڪندا رهيا ته سائين اسان کي کاڌ خوراڪ توڙي پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ملي، ڊي سي ڄامشورو ڪٿي نظر ئي نه پيو اچي، جنهن تي وڏي وزير ڊي سي ڄامشورو فريدالدين مصطفي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان متاثرن جي مدد ڪريو جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي نظر آئي ته اوهان کي هٽائيندس، وڏي وزير ڊي سي کي ڀان سيدآباد ۽ سيوهڻ ۾ موجود رهي متاثرن جي مدد ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.