دادو/سيوهڻ/جوهي/ميهڙ/ڀان سيد آباد(نمائندن وٽان ) منڇر ۾ لاٿ اچي وئي، ٻوڏ جو وڏو وهڪرو درياهه ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب رنگ بندن تان دٻاءُ گهٽجي ويو، ايل بي او ڊي ۾ چاڙهه سبب بندن کي گهارن جو خدشو ظاهر ٿيڻ سبب پنگريو، ملڪاڻي ۽ نئون ڪوٽ کي وري خطرو پيدا ٿي ويو. تفصيل موجب ٽلٽي ڀرسان سنڌو درياء جي وهڪري ۾ وڌيڪ هڪ فوٽ تائين لاٿ اچڻ کانپوء ٽلٽي ڀرسان ڳوٺ سهتا سامهون ايل ايس بند کي ڏنل ڪٽ مان سيوهڻ تعلقي جي 7 يوسيز ۽ ڀان سيدآباد وارن علائقن مان ٻوڏ جي پاڻي جو وڏو وهڪرو سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿيڻ کان پوءِ ڀان سيدآباد ڏانهن ابتو وهندڙ آر بي او ڊي سم نالي کي پڻ ٽلٽي ڀرسان ڪوڏرن جي ذريعي ڪٽ ڏنو ويو آهي جنهن کانپوءِ سم نالي جو وهڪرو پڻ سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي ، جنهن سبب ٽلٽي ٻمڀا ۽ ڀان سيدآباد وارن علائقن مان ٻوڏ جي بيٺل پاڻي ۾ ڏيڍ کان 2 فوٽ لاٿ آئي آهي ۽ ڀان سيدآباد شهر کي ڏنل رنگ بند تان پڻ 9 ، انچ تائين رڪارڊ لاٿ آئي آهي ، اهڙي طرح ميهڙ ، ڪي اين شاھ ۽ جوهي جي علائقن ۾ بيٺل ٻوڏ جي پاڻي وڌيڪ لاٿ آئي آهي ، ڇنڊڻ کان جوهي ٻيڙيون هلائيندڙ ماهگيرن جو چوڻ آهي ته جوهي واري علائقي مان پاڻي لاٿ اچي رهي ۽ 10 ڏينهن جي اندر جوهي جي روڊ تان ٻوڏ جو پاڻي هٽي ويندو ، ٻئي طرف پير شاخ ڀرسان دادو کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڀان جوهي روڊ تي ڏنل رنگ بند کي ڏنل ڪٽن مان پاڻي جو وهڪرو دادو تعلقي جي ڦڪا شهر سميت 40 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙڻ کان پوء سم نالي ۾ پاڻي جو دٻاءُ گهٽجڻ کانپوءِ دادو تعلقي جي ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي جو وڏو وهڪرو پڻ سم نالي ۾ وهڻ شروع ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري ٻوڏ جي پاڻي هيٺ دادو جي ڳوٺن مان پڻ پاڻي تيزي سان گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ميھڙ رنگ بند تي پاڻي جي معمولي لاٿ باوجود پاڻي رنگ بند تي 6 فوٽن تائين بيٺل هجڻ ۽ تيز ھوائن سبب پاڻي جون ڇوليون رنگ بند سان ٽڪرائجڻ لڳيون آهن جنهن بعد مشينن سان مٽي جو ڪم ٻيھر شروع ڪيو ويو. شھري ۽ نوجوانن پاران رنگ بند تي ٻيھر سرگرم ٿي ويا آھن ميھڙ رنگ بند ڪمزور ھجڻ سبب شھرين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آھي جڏھن ته امڪاني ٻوڏ جي ڪري ميھڙ شھر توڙي آس پاس جي علائقن جا ماڻھو مختلف شھرن ڏانھن ويل ماڻھن واپسي ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن جوھي شھر ۾ ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو آهي پر رنگ بند جي ڪجھه حصن تي لاٿ باوجود خطري سبب چوڪسي برقرار آھي شھر م حالتون معمول تي اچڻ شروع ٿي ويون آھن. ٻئي طرف  ٽنڊي باگي ۾ برسات سبب پراڻ ڍوري کي لڳل گھاري واري پاڻي ۾ واڌ اچي وئي آهي. جنهن ڪري پنگريو شھر کي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، گھاري جو ڪجھه پاڻي ڦاٽ فارم لڳ ايل بي او ڊي جي آر ڊي 254 وٽان سم نالي جي بند کي اوور ٽاپ ڪري سم نالي ۾ خارج ٿي رھيو آھي. جڏھن ته باقي پاڻي تعلقي ٽنڊي باگي جي پنجن يونين ڪائونسلن ملڪاڻي شريف، سمن سرڪار، پير بودلو، ڏيئي جرڪس ۽ پنگريو کي مڪمل ٻوڙي شادي لارج طرف تيزي سان وڌڻ لڳو آهي. ھوڏانھن تعلقي ٽنڊي باگي ۽ تلھار جي حدن ۾ موجود سنڌو درياه جي پراڻي ڦاٽ ساڱرو درياه يا نيرو ڍورو جي  ڍورن ۾ مختلف ڳوٺن ۽ زرعي زمين جو پاڻي اچڻ ڪري ھن جي بندن تي دٻاء وڌي ويو آهي. ٽنڊوباگو شھر جي نئون آباد محلي وٽان نيرو ڍورو پلٽڻ سبب ڳوٺ عمر ملاح پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي، ۽ تعلقي تلھار جي ديھ ڪوٽڙي ۾ موجود نيرو ڍورو ۾ پاڻي وڌڻ ڪري بندن تي دٻاء وڌي ويو آهي. جنهن ڪري ڳوٺ سليمان منگواڻو، لونگ خاصخيلي، سانوڻ ڏيٿو ۽ لطيف ڏيٿو ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي. هوڏانهن  پراڻ ڍوري کي لڳل گھارو نه ٻڌجي سگھيو جنھن ڪري پاڻي پنگريو شھر کان صرف 4ڪلوميٽر جي فاصلي تي رھجي ويو پنگريو کان حاجي دين محمد ڪمبوه روڊ جي رڪاوٽ باقي رھجي وئي جڏھن ته برساتن کانپوء ايل بي او ڊي ۾ چاڙھ سبب برانچ ڊرين ۾ به چاڙھ اچي ويو آھي جنھن سان 4R سم نالو سمن سرڪار ۽ ملڪاڻي شريف ڏانھن ابتو وھڻ لڳو آھي  ملڪاڻي شھر کي به ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي گھاري جي پاڻي سبب سڄو علائقو منڇر ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رھيو آھي.

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ برسات گرمي جو زور ٽوڙي ڇڏيو، وڄ ڪرڻ ۽ مختلف حادثن ۾ عورت سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن . تفصيل موجب ڪالهه ڪراچي جي جي مختلف علائقن ۾ زوردار وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، ڪالھه منجھند ڌاري ڪراچي جي صدر، ڪياماڙي، نيو ڪراچي،  ڪلفٽن، ڊفينس،  گلستان جوھر، ملير، گلشن حديد، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال، گلشمن معمار، بحريا ٽائون، اسڪيم 33، لانڍي،طارق روڊ     سميت مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز وسڪارو ته ڪٿي جهڙ ڦڙ ٿي، جنهن دوران 54 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز ھوا به جاري رھي، ڪيترن ئي علائقن ۾ بادل ڇانيل ھجڻ سبب اونداھي ٿي وئي، ٻئي طرف موسميات کاتي موجب ڪراچي  ۾ 25 ملي ميٽر برسات پئي آهي،  اڄ به شهر ۾ برسات جا امڪان آھن، جڏهن ته ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، حيدرآباد،  مٽياري، ڄامشوري ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ 15 سيپٽمبر  تائين برسات جاري رھندي، هوڏانهن ملير ۾ برساتن سبب رليف ڪيمپن سميت مختلف هنڌن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل برسات متاثرين جا سور ٻيڻا ٿي ويا، گهگهر، ميمڻ ڳوٺ، گلشن حديد، سچل، ماروئڙا ڳوٺ،ڀٽائي آباد، نيو سبزي منڊي، ڪاٺوڙ، پاڪ لينڊ روڊ، شاهه ٽائون، پپري، رزاق آباد ۽ ڀرپاسي ۾ متاثرن کي مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پئجي ويو ،ان موقعي تي متاثرن دانهيندي چيو ته سنڌ سرڪارجا ٽينٽ سٽي ٺاهڻ جا سکڻا اعلان  ٻڌا آهن، اسان کي هڪ ٽينٽ يا مڇر داني نه ملي آهي، برسات دوران انتظاميا به سار ناهي لڌي، جڏهن ته    ڏيپلو ڀرسان برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺ ڪنڊڙو لنڊ واسي 2 ڌنار 30 سالا موسو ولد الهبچايو ۽ 35 سالا يعقوب ولد ھاشم لنڊ فوت ٿي ويا،  سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ قمبر شر ۾ وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺ ڏاتو شر واسي ديدار شر فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش وارث اڌ ڪلو ميٽر برساتي پاڻي جھاڳي اباڻي قبرستان چٽوڙي پهچايو، چمبڙ ويجھو گھر جي ڀت ڪرڻ سبب ھڪ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڳوٺ وريام سولنگي ۾ برسات دوران گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 60 ورھين جو خدا بخش سولنگي دٻجي فوت ٿي ويو، ڳوٺ متارو ماڇي ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 45 ورھين جي مسمات فاطما سولنگي فوت ٿي وئي، ميرپورخاص، ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀرپاسي ٻئي ڏينهن به تيز هوائن سان گڏ برسات پئي،دوڙ، سٺ ميل، سجاول، ڪڙيوگهنور، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو باگو، پنگريو، شادي لارج، کوسڪي، ڏيئي، کڏھرو، وھڻائي شريف،  ملڪاڻي، نئون دمبالو ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات پھرين برساتن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو وري ٻي برسات سبب پاڻي وڌي ويو آهي. سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو تيز هوا سان گڏ زوردار  وسڪارو ٿيو آهي ، ٽنڊوغلام علي  ۾ طوفاني ھوائن سان گڏ برسات جو زوردار وسڪارو وقفي وقفي سان جاري رهيو، جنهن  سبب روڊن جي پاسن تي ويٺل ٻوڏ متاثرن جا اھنج وڌي ويا برسات سبب مواطلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو. حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن جي گرمي کانپوءِ بوندا باندي سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. صبح کان آسمان تي ڪڪر ڇانيل رهيا. منجهند ڌاري هوا گهلڻ کانپوءِ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ٿي. ڄامشورو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. تيز هوائن سبب اڪثر هنڌن تي ٻوڏ متاثرن پاران لڳايل خيما پٽجي ويا آهن، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن مان اچي ڄامشورو جي جابلو پٽي ۽ رستن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل ٻوڏ متاثر برسات سبب تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.