ممبئي (م ڊ) ڀارت چين کي پٺتي ڇڏي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ بڻجي ويو آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل نئين ڊيٽا ۾ سامهون آئي آهي. بلومبرگ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گڏيل قومن جي ورلڊ پاپوليشن فنڊ طرفان 2023ع جي وچ تائين آبادي جو امڪاني ڊيٽا جاري ڪيو آهي. ان ڊيٽا ۾ لڳايل ڪاٿي موجب ڀارت جي آبادي 1.428 ارب ٿي وئي آهي، يعني ڀارت جي آبادي چين جي ڀيٽ ۾ 29 لک وڌيڪ آهي. اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو چين جي جاءِ تي ڀارت دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ بڻيو آهي. ڊيٽا موجب جيتوڻيڪ اهو واضح ناهي ته ڀارت جي آبادي ڪڏهن چين کان وڌي وئي پر اسان اهو چئي سگھون ٿا ته چين جي آبادي ۾ گذريل سال گهٽتائي اچڻ شروع ٿي جڏهن ته ڀارت جي وڌي رهي آهي. ڀارت ۾ 50 سيڪڙو آبادي 30 ورهين کان گھٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي. واضح رهي ته چين جي شماريات کاتي 17 جنوري 2023ع تي ٻڌايو هو ته ملڪي آبادي 1.412 ارب آهي ۽ 1961 کان پوءِ پهريون ڀيرو آبادي ۾ گھٽتائي آئي آهي. ڀارت طرفان 2021ع ۾ آدمشماري جو ڊيٽا جاري ٿيڻو هو پر اهو هيل تائين جاري ناهي ڪيو ويو ڇو جو ڪورونا وائرس وبا سبب آدمشماري جو عمل دير جو شڪار ٿيو.