ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 کنڀيلن جي بازيابي جو حڪم ڏيندي گهرو ۽ بچاءَ وارن سيڪريٽرين کان ٽن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته سنڌ پوليس، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي سنجيدگي سان ڏسن،  کنڀيلن جا وارث پريشان آهن، گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي، ان موقعي تي درخواست گذارن جي وڪيل ٻڌايو ته ظاھر علي، زبير نويد علي، منيف علي، ڪمبير عباس، ناديه ، نويد علي ظهور احمد، عبدالصمد گھڻي عرصي کان گم آهن،ٻڌڻي دوران  جاچ آفيسر ٻڌايو ته پي ٽي آءِ  جو سوشل ميڊيا ورڪر فهد جمال صديقي، اويس اختر ۽ ڇوڪري عظميٰ غلام گهر پهچي ويا آهن، عدالت ٽنهي ڄڻن جي گمشدگي واري درخواست اڪلائي ڇڏي.