ٺل (ن پ ا) ٺل جي جيلاني گرائونڊ محلي جي رهواسڻ ناري شگفته ڌيءُ شاهه محمد بروهي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته ڀاءُ ماجد بروهي 40 ورهين جي محمد نواز بنگلاڻي کان 72 هزار وٺي ان سان زبردستي شادي ڪرائڻ چاهي ٿو، انڪار تي تشدد ڪيو، انصاف لاءِ پنهنجي ماءُ سان گڏجي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهتي آهيان. پوليس ناري کي ٺل جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي ناري جي بيان بعد سندس ماءُ شهزادي حوالي ڪيو ويو.