ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 35 ڪيس ظاهر

0
379
پاڪستان ۾ ڪورونا

مٺي: ٿرپارڪر ضلعي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 805 مريضن جا سيمپلس ورتا ويا جن مان 35 مريضن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي ويئي آھي. ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي. هوڏانهن ٿرپارڪر ضلعي ۾ باضابطه آئيسوليشن وارڊ قائم نه ٿي سگهيو آھي جنهن ڪري ٿر جا مريض دربدر ۽ پريشان آھن. ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر گوردن داس پاران جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو آهي ته پوري ضلعي ۾ 82هزار 225ڪورونا وائرس جا سيمپل ورتا ويا جنهن مان 2هزار 790رزلٽ مثبت ظاهر ٿي جنهن جي شرح 3.40سڪڙو رهي، اهڙي طرح 2هزار 677صحت ياب ٿيا جنهن جي شرح 95.95سيڪڙو، 105 ايڪٽو ڪيس جنهن جي شرح 3.76 سيڪڙو، ۽ 8ماڻهو فوت ٿيا آهن. جڏهن ته 77هزار 821 ماڻهن جي رزلت ناڪاري آئي آهي. 1هزار 456جي رزلٽ اڃا مرحلي ۾ آهي. ڊي ايڇ او وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ضلعي ۾ 805سيمپل ورتا ويا جنهن مان 35 ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيا جنهن جي شرح 4.69 سيڪڙو ۽ 771 ناڪاري ڪيس آهن.