لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وگهي هڪ عورت سميت 3 ڄڻا فوت

0
305

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وگهي هڪ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، 4 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ڪورونا آءِ سي يو وارڊ ۾ ٻه ڏينهن اڳ داخل ٿيل قمبر ڀرسان ابڙي واسي 65 ورهين جو پيرسن فيض محمد پٽ غلام محمد، هڪ ڏينهن اڳ داخل ٿيل وارهه واسي 70 ورهين جو پيرسن عبدالقادر پٽ ميهر علي ۽ ٻه ڏينهن اڳ داخل ٿيل لاڙڪاڻي شهر جي غالب نگر جي رھواسڻ رضيه زال غلام اڪبر مختلف وقتن تي فوت ٿي ويا جن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا، جتي فوتين جي تدفين ايس او پيز تحت ڪئي وئي. هوڏانهن چانڊڪا اسپتال جي ڪورونا آءِ سي يو وارڊ ۽ ايڇ ڊي يو وارڊ ۾ مجموعي طور تي 40 کان وڌيڪ ڪورونا جا مريض داخل آهن جن مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي.