دوڙ (ن پ ا) پيپلزپارٽي پاران ڪجهه مهينا اڳ معطل ڪيل سٽي دوڙ جي باڊي کي ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو. ظفر زرداري صدر، حاجي عرس لاشاري سينئر نائب صدر، فيضان شاهد جنرل سيڪريٽري، ذاڪر اسد بروهي انفارميشن سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا. پيپلزپارٽي پاران عهدن جي معاملي تان اڳواڻن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ ڪجهه مهينا اڳ معطل ڪيل سٽي دوڙ جي باڊي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي. جنهن جي بحالي جو نوٽيفڪيشن پيپلزپارٽي ڊويزنل شهيد بينظير آباد جي صدر ضياءُ الحسن لنجار پاران جاري ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ ظفر علي زرداري کي سٽي دوڙ جو صدر مقرر تان پيپلزپارٽي سٽي دوڙ جي سينئر ڪارڪنن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو هو جنهن بعد پارٽي جي اعليٰ قيادت نوٽيس وٺي ظفر علي زرداري سميت سٽي دوڙ جي سموري باڊي کي معطل ڪيو ويو هو پر اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ظفر علي زرداري سميت سٽي دوڙ جي سموري باڊي کي بحال ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.