ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2015ع کان گم ٿيل شهري محمد نديم جي عدم بازيابي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل کي 10 جون تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ شهرين جي جبري گمشدگي سنگين مسئلو آهي، جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، عدالت چيو ته جيڪو ڪجهه ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، ايئن ته لاطيني آمريڪا ۽ عالمي جنگن ۾ به ناهي ٿيو، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو قانوني نه پر انساني حقن جو آهي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته شهرين جي گمشدگي 1973ع جي آئين ۽ اسلامي قانون جي به ڀڃڪڙي آهي، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ وزارت ان معاملي تي ڪهڙا قدم کنيا آهن، وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ هيومن رائٽس ڪميشن جو سيڪريٽري جنرل ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڪن.