ٽنڊوڄام (ن پ ا) مسوڀرڳڙي سب ڊويزن جي حيدرآباد برانچ سان تعلق رکندڙ زميندار محمد امين چنڊ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته پ پ پ ايم اين اي سيد طارق شاھ ڄاموٽ ۽ ٻين حيدرآباد برانچ جي پاسي ۾ موجود منهنجي سروي نمبر زرعي زمين مان زبردستي واٽرڪورس ڪڍرايو آهي، اعتراض ڪرڻ تي مونکي پوليس ذريعي هراسان ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان واٽر ڪورس مان منهنجي زمين لاءِ پاڻي کڻڻ کان منع ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اسان جو زمينون سڪي رهيون آهن، داخل درخواست بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد حد جي ٻڍاڻي ٿاڻي کي لکت ۾ حاجي امين چنڊ ۽ سندس فيملي ميمبرن کي تحفظ ڏيڻ جوحڪم ڏئي ڇڏيو، ھوڏانهن عدالت آڊرجاري ڪندي ايم اين اي طارق شاھ ڄاموٽ سميت 6 ڄڻن کي 26 اپريل ته پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٻي طرف ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ چيو ته مون کي خبر ناهي، ڇو منهنجو نالو درخواست ۾ وڌو ويو آهي؟ هن چيو ته چنڊ برادري سان تعلق رکندڙ جي زمين ۽ خاصخيلي جي ڳوٺ جو مسئلو آهي، ان ۾ منهنجو نالو شامل ڪيو ويو آهي، آئون ڪٿي به ڌر ناهيان.