ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا ڊيوٽي لاءِ ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي مستقل نه ڪرڻ خلاف ڪالهه پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته کين مستقل نه ڪيو ويو ته اهي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻندا، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر اعظم ڪمبوه ۽ ٻين چيو ته ڪورونا جي وبا دوران صحت کاتي جا مستقل ملازم ۽ ڊاڪٽر ڊيوٽين کان لنوائي رهيا هئا، اسان ڊاڪٽرن،  پيرا ميڊيڪل عملي ۽ نرسنگ اسٽاف ڪانٽريڪٽ تي نوڪريون ڪري ڪيتريون ئي انساني جانيون بچايون، ڊسمبر ۾ ڪانٽريڪٽ ختم ٿي رهيو آهي،  اسانکي مستقل نٿو ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته کين ريگيولر ڪيو وڃي.