اميتاڀ بچن، ڪرينا ڪپور جا پير ڇو ڌوتا؟

0
893
اميتاڀ بچن، ڪرينا ڪپور

ڪراچي: ڇا توهان کي خبر آهي ته بالي ووڊ بادشاهه اميتاڀ بچن بالي ووڊ ۾ بيبو جي نالي سان مشهور ڪرينا ڪپور جا پير ڌوتا هئا، ڀارتي ميڊيا ۾ ماضي جي هڪ ڪهاڻي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته هڪ وقت هو جڏهن ڪرينا اميتاڀ کي تمام خراب ماڻهو سمجهندي هئي

ڀارتي ميڊيا موجب واقعو 1983ع ۾ پيش آيو جڏهن بالي ووڊ فلم ”پوڪر“ جي شوٽنگ ٿي رهي هئي، فلم ۾ ڪرينا جو پيءُ رنڌير ڪپور فلم ۾ اميتاڀ سان گڏ ڪم ڪيو هو، اميتاب پاڻ ٻڌايو ته ڪرينه شوٽنگ ڏسڻ پڪار جي سيٽ تي پهچي ۽ شوٽنگ جي دوران هڪ سين اهڙو آيو جڏهن مان رنڌير ڪپور کي بري طرح ماري رهيو هئس

اميتاڀ بچن موجب ننڍي ڪرينا کي ان وقت اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ هوءَ شوٽنگ جي دوران ئي مٽي تي پيرين اگهاڙي ڀڄندي آئي ۽ پنهنجي پيءُ کي سان چنبڙجي وئي

اداڪار جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪرينا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ هوءَ ڏاڍي پريشان نظر اچي رهي هئي، مان پوءِ ڪرينا کي پنهنجي ڀرسان ويهاري هن جي پيرن ۾ لڳل مٽي پير پاڻي سان ڌوئي هي وضاحت ڪئي ته هي صرف هڪ فلم آهي

ياد رهي ته اميتاڀ بچن ۽ ڪرينا ڪپور ڪيترين ئي بالي ووڊ فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن جن ۾ ”ڪڀي خوشي ڪڀي غم“، ”ديو“ ۽ ”ستياگرهه“ شامل آهن