لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي لنڪا پريميئر ليگ (ايل پي ايل) جي ايندڙ ايڊيشن لاءِ فاسٽ بالر محمد حسنين کي اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چاهي ٿو ته نوجوان فاسٽ بالر 10 ڊسمبر کان 3 جنوري تائين ڪراچي ۾ ٿيندڙ ايندڙ پاڪستان ڪپ کيڏي. حسنين کي پي ايس ايل فرنچائز ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي ملڪيت واري ٽيم گال گليڊي ايٽرز لاءِ کيڏڻو هو پر اين او سي نه ملڻ تي گال گليڊي ايٽرز حسنين جي جاءِ تي پاڪستان جي تجربيڪار فاسٽ بالر وهاب رياض کي شامل ڪيو آهي.  گليڊي ايٽرز جي نمائندگي اسد شفيق، افتخار احمد، عماد وسيم، وهاب رياض ۽ انور علي ڪندا. شعيب ملڪ جافنا ڪنگز جي نمائندگي ڪندو جڏهن ته هيدر علي ۽ احمد دانيال ڊمبولا اورا جي نمائندگي ڪندا.