لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر حارث رئوف انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري بيان ۾ فاسٽ بالر حارث رئوف جي پاڪ انگلينڊ تيسٽ سيريز مان ٻاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته حارث رئوف کي ساڄي ڄنگهه ۾ سٽ محسوس ٿي رهي آهي، راولپنڊي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن حارث جي ايم آر آءِ اسڪين ڪئي وئي هئي. پي سي بي موجب حارث رئوف جلد لاهور ۾ ري هيب پروگرام شروع ڪندو. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪواڊ ۾ حارث رئوف جي متبادل فاسٽ بالر جو فيصلو جلد ڪيو ويندو ۽ محمد عباس کي متبادل طور تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.