دوحا(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ ۾ برازيل ڏکڻ ڪوريا کي 4-1 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. اسٽيڊيم 974 (راس ابو عبود) ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي ڇهين پري ڪوارٽر فائنل ۾ برازيل ڏکڻ ڪوريا کي هڪ جي مقابلي ۾ 4 گولن تان آسانيءَ سان شڪست ڏئي ڇڏي. برازيل طرفان وِني جونيئر ستين منٽ ۾ گول ڪندي ٽيم کي برتري ڏياري جنهن کي نيمار 13 هين منٽ ۾ پينلٽي تي گول اسڪور ڪندي اسڪور کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. رچارليسن 29 هين منٽ ۾ ٽيون گول ڪري ٽيم جي برتري 3-0 ڪري ڇڏي ۽ 36 هين منٽ ۾ لوڪاس پيڪيٽا چوٿون گول اسڪور ڪري برازيل جي ڪاميابي کي يقيني بڻائي ڇڏيو. ڏکڻ ڪوريا طرفان پائڪ سيونگ هو 76 هين منٽ ۾ ٽيم لاءِ پهريون ۽ واحد گول اسڪور ڪيو. اهڙي طرح برازيل ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ڪوارٽر فائينل ۾ برازيل جو مقابلو ڪروشيا سان 9 ڊسمبر تي ٿيندو.