ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته موٽر وي ميگا اسڪينڊل: ڪامورن وٽان 42 ڪروڙ هٿ، سنڌ جي 6 ضلعن ۾ موٽروي پراجيڪٽ جا فنڊ فريز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ اندر ترقياتي ڪمن ۾ ايتري ڪرپشن ڇو پئي ٿئي؟ سنڌ سرڪار جي فيصلي ۽ موجوده صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ جي هر کاتي ۾ ڪرپشن آهي، هيٺ کان مٿي تائين ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا ڪرپشن ۾ ملوث آهن، ڪرپشن ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي ضرورت آهي، ڪرپشن ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي ملڪيت ضبط ڪئي وڃي، ووٽ جو درست استعمال ڪيو وڃي، هر کاتي جي آڊٽ ڪئي وڃي، سمورن ڊي سيز جي فنڊن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته روڊز کاتو ڪامورن لاءِ سوني جھرڪي رھيو آھي اھا ڪا نئين ڳالھه  ناھي جيترو ڪرپشن تي شور پيا ڪن ان کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ ڪرپشن ٿيل آھي ان ۾ ھيٺ کان مٿي سڀني حصو پتي کاڌو ھوندو ڪرپشن کي ختم ڪرڻو آھي ته جيڪي روڊ چيڪ ڪرڻ لاءِ سرڪاري ڪامورا ھوندا آھن انھن کي تبديل ڪري ٻاھرين ملڪ مان ماڻھو رکيا وڃن اصل ڪرپشن جي وجھه ھي آھن انڪري ٺيڪيدار کين راضي ڪرڻ لاءِ سندن لاءِ اڳواٽ مٺائي جو بندوبست ڪري ڇڏيندا آھن، شنڪر لال لکيو ته ھتي سڀ ڪرپشن ۾ ملوث هجن ٿا سڀني خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، عبدالستار راهمون لکيو ته انتظار نه ڪريو موٽر وي جن ضلعن جي حدن مان گذري ٿو انھن ڪامورن کي روڊ تي شوٽ ڪريو اھو عمل دنيا جي چينلن تي ڏيکاريو،ٻوڏ متاثرن جو سامان گودامن ۾ سڙي رهيو آهي، ڪرپشن ۾ ملوث ڪامورن جي ملڪيت ضبط ڪئي وڃي، ايئن ئي ڪرپشن ختم ٿي سگهي ٿي، مراد علي لکيو ته جنهن ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ڪرپشن ڪرڻ جي ڇوٽ ھجي انهيَ ملڪ ۾ اھي ڪم ھلندا رھندا اسان وٽ ڪو به آفيسر ايماندر نه رھيو آهي سنڌ ۾ جيتري ڪرپشن آهي ٻين صوبن ۾ گھٽ آهي اسان جا روڊ رستا اسڪول تباهه آهن اسان جي صوبي جا رھواسي بدترين زندگي گزاري رھيا آهن، نور عمراڻي لکيو ته هي ته هڪڙي ضلعي جي هڪڙي پراجيڪٽ ۾ ٿيل ڪرپشن آھي.. اها به ظاهر تڏهن ٿي جڏهن وفاقي پراجيڪٽ ۾ ھيراڦيري ٿي.. جيڪڏهن وفاقي سطح جي صرف هڪڙي پراجيڪٽ ۾ ھڪڙي ضلعي جا ڪامورا صرف هڪڙي روڊ تي ايتري ڪرپشن ڪري سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ صوبي اندر هزارين تعداد ۾ ڪامورا ۽ هر ضلعي جي 29 کاتن ۾ سنڌ سان ڪهڙو حشر ڪندا هوندا، سنڌ جي ڪامورن ، وزيرن ۽ پارليامينٽيرينز جي آشيرواد سان سنڌ جي بجيٽ کي 15 سالن کان خوب رڳڙو ڏنو آھي.. جاويد جمالي لکيو ته هن وقت پاڪستان ليول تي سنڌ صوبو ڪرپشن جي لحاظ سان ٽاپ ٽين ۾ آھي، جنهن به اداري کي کولي ڏسو ڪرپشن سان ڀريو پيو آهي، سياسي ڪامورن کان وٺي قانوني ڪامورا سب هڪ ئي پيج تي آھن ۽ ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آھن سنڌ جي بجيٽ عوام جي پئسي کي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهو به ضروري آهي ته عوام ووٽ جو صحيح استعمال ڪري، سجاد جمالي لکيو ته اها ته رڳو ڪاغذن ۾ ڪرپشن ظاهر ٿي آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌ ھڪ قانون 2 جتي پنج اسڪيل ايس آر پي سپاھي ڀرتي جي لاءِ 71 مارڪون کڻندڙ اميدوار فيل ۽ تعليم کاتي ۾ 9 کان 11 اسڪيل جي نوڪري لاءِ 40 کان 33 مارڪون کڻندڙ اميدوار پاس ھجن ته ان ملڪ ۾ انصاف جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آھي پاڪستان ۾ پي ايم کان وٺي پٽيوالي تائين رڪارڊ ڪرپشن ڪئي ٿي وڃي قانون جو نالو صرف ٻڌو آھي باقي حرڪت ۾ ڪڏھن ناھي ايندي ڏٺو، حميد تنيو لکيو ته سنڌ ۾ جيستائين هي حڪمران آهن ڪرپشن جاري رهندي، شيراز احمد لکيو ته احتساب جو نظام سست آھي، جنھن سبب غريب ملڪ جي غريب عوام جو پئسو راشي ڪامورن ۽ سياستدانن جي ور چڙھيو وڃي، ۽ ملڪ ڊفالٽ ۾ پيو وڃي.. عابد شر لکيو ته سنڌ ۾ اهڙو ڪو ادارو ناهي جتي ڪرپشن نه ٿيندي هجي جتي جائز ڪم به بنا پئسن جي ٿيندو هجي هر ادارو ڪرپشن جو ڳڙھ بڻيل آھي ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ناهي جڏھن ته ڪرپشن جي روڪٿام وارو کاتو اينٽي ڪرپشن سنڌ سرڪار جي ماتحت هجڻ ۽ سياسي مداخلت هجڻ ڪري اهو ڪرپشن جي روڪٿام ۾ ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو آھي گذريل دور کان هينئر تائين سندس ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آھي ڪرپشن روڪڻ ۾ ناڪام ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي، محمد ادريس لکيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڦرلٽ جاري آهي ڪو قانون ناهي سنڌ جا شهر ۽ ٻهراڙيون تباهه ٿي ويون آهن هر ادارو تباهه برباد ٿيل آهي هئڻ ائين گهرجي ته ادارا مضبوط هجن پر هتي ادارا ڪمزو آهن فرد طاقتور آهن، احسان لغاري لکيو ته سنڌ گدڙن حوالي ٿيل آھي سنڌ جي ھر اداري ۾ ڪرپشن جي لٽ مار لڳي پئي آھي ڪرپشن جي لٽيل پئسن مان سڀني جو حصو پتي آھي،

ساگر علي رضا لکيو ته پاڪستان ۾ ڪو به قانون ڪونهي، جيڪڏھن قانون هر فرد تي نافذ هجي ته بيوروڪريٽس اهڙي طرح ڪرپشن نه ڪن، سڄي سنڌ ۾ 2008ع کان اڄ تائين ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو ڇاڪاڻ ته جيڪا به بجيٽ اچي ٿي سا ڪامورا توڙي سياسي نمائندا پاڻ ۾ ملي هڙپ ڪري ٿا ڇڏين. عبدالعزيز بلوچ لکيو ته هتي ڪير ڪنهن کي چوڻ وارو ڪونهي هرڪو ڀاڱي ڀائيوار آھن، پاڪستان ۾ قانون نالي ماتر آھي اڄڪلهه هن تيز رفتار زماني ۾ هر ڪو ڏنو پٽ ڇٽي جو آھي هتي صرف ۽ صرف قانون غريب لاءِ آھي باقي جيڪو ڪرپشن ڪري ٿو ان کان وسولي ڪري آجو ڪيو وڃي ٿو سو ھت ھاڻي ڪابه اميد نه رکجي ته ڇا ٿيندو، عطا ميمڻ لکيو ته ھاڻي موٽروي به نه مليو سنڌ کي، اسامه سنڌي لکيو ته ڪرپشن هر جڳھه تي ٿي پئي سرڪاري ڪم جو فنڊ مطلب پنڻ جو سرٽيفڪيٽ، الله ڏنو راهمون لکيو ته سنڌ ۾ ڪميشن ڪلچر عيب نٿو سمجھيو وڃي وس وارا پنهنجي پنھنجي حصي جي ڪميشن طلب ڪن ٿا.سسٽم ۾ شامل ڪنھن ھڪ کي سندس مقرر ڪميشن جو حصو نٿو ملي ته ڳالهه منظر تي اچي ٿي نه ته رواج ھلندو رھي ٿو ساڳيو سالن کان، غلام عباس ڀرڳڙي لکيو ته چور چورن جي حڪومت آهي، ايم اسماعيل بلوچ لکيو ته روڊز کاتو ڪامورن لاءِ سوني جھرڪي رھيو آھي اھا ڪا نئين ڳالھه ناھي جيترو ڪرپشن تي شور پيا ڪن ان کان ڪيترائي دفعا وڏيڪ ڪرپشن ٿيل آھي ان ۾ سڀني ھيٺ کان مٿي سڀني حصو پتي کاڌو ھوندو ڪرپشن کي ختم ڪرڻو آھي ته جيڪي روڊ چيڪ ڪرڻ لاءِ سرڪاري ڪامورا ھوندا آھن انھن کي تبديل ڪري ٻاھرين ملڪ مان ماڻھو رکيا وڃن اصل ڪرپشن جي وجھه ھي آھن انڪري ٺيڪيدار کين راضي ڪرڻ لاءِ سندن لاءِ اڳواٽ مٺائي جو بندوبست ڪري ڇڏيندا آھن، امتياز مکڻ لکيو ته ڇو ٿا اسان کي مارايو، سروي ۾ ڪهڙا ڪمينٽ لکجن يار ڳالھه جيڪا آھي اها ئي آھي . عبدالواحد سهتو به سروي ۾ حصو ورتو، خميسو آريسر لکيو ته افسوس غريبن کي ٻڪري چوري ۾ 5 سال سزا اچي ويندي آهي پر هن کي ڪجھه ڪونه ٿيندو، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته روڊز کاتو ڪامورن لاءِ سوني جھرڪي رھيو آھي اھا ڪا نئين ڳالھه ناھي جيترو ڪرپشن تي شور پيا ڪن ان  کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ ڪرپشن ٿيل آھي ان ۾ ھيٺ کان مٿي سڀني حصو پتي کاڌو ھوندو، قربان علي ميراڻي لکيو ته جيسيتائين پ پ وارا سنڌ تي حڪمراني ڪندا ايستائين اھڙا گھپلا لڳندا رھندا صوبي ۾ ترقياتي ڪم ڪونه ٿيندا، سنتوش ڪمار لکيو ته جيتري وڏي بجيٽ اوتري وڏي ڪرپشن آهي، عبدالقدير ڀٽي لکيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڦرلٽ جاري آهي ڪو قانون ناهي سنڌ جا شهر ۽ ٻهراڙيون تباهه ٿي ويون آهن هر ادارو تباھه برباد ٿيل آهي هئڻ ائين گهرجي ته ادارا مضبوط هجن پر هتي ادارا ڪمزو آهن فرد طاقتور آهن، محمد فياض وساڻ لکيو ته يوسي سطح جي ڪائونسلر تائين سڀ ڪرپشن ۾ ملوث آهن، علي عباسي لکيو ته سمورن ڊي سيز جو اهو حال آهي، عرفان علي چانڊيو لکيو ته ڪرپشن هر جڳھه تي ٿي پئي، غلام رسول راهمون لکيو ته افسوس غريبن کي ٻڪري چوري ۾ 5 سال سزا اچي ويندي آهي پر هنن مگر مڇن کي ڪجھه ڪونه ٿيندو، احمد خان مگسي لکيو ته جيسيتائين پ پ وارا سنڌ تي حڪمراني ڪندا ايستائين اھڙا گھپلا لڳندا رھندا، حر علي رضا چانڊيو، سليم اختر، سجاد شاهه به سروي ۾ حصو ورتو، محمد رحيم انڙ لکيو ته سنڌ حڪومت پاڻ ڪرپٽ آھي، سنڌ جو ڪير خيرخواه ناھي، محمد الياس شر لکيو ته ڪرپشن ته پوري پاڪستان ۾ عام طور تي آھي پر سنڌ سان وڏو ظلم آھي ھر اداري ۾ ڪرپشن آھي الائي ڪڏھن سنڌ جي انھن ڪامورن مان جان ڇٽندي ۽ سنڌ ترقي يافته سمجھي ويندي.