گمبٽ (ن پ ا) پي ايس ايل 6 جو هيرو لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي گمبٽ پهتو ته شهر جي مختلف هنڌن تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ هنڌ هنڌ مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي. شاهنواز ڏاهاڻي پريس ڪلب گمبٽ ۾ آيو ته مٿس گلن جي ورکا ڪندي پريس ڪلب گمبٽ جي صدر ۽ ميمبرن صحافين کيس سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اوڍايا ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا، جڏهن ته گمبٽ جي سيد پريميئر ڪرڪيٽ ليگ جي ڪپتان کيس ڪيپ پيش ڪئي. جنهن تي ڀلوڙ ڪرڪيٽر روايتي انداز ۾ ٻانهون ٻڌي صحافين ۽ شهرين جو ٿورو مڃيو. جنهن کانپوءِ شاهنواز ڏاهاڻيءَ ڊگري سائنس ڪاليج جي گرائونڊ تي پهچي ايندڙ آچر ڏينهن کان شروع ٿيندڙ سيد پريميئر ڪرڪيٽ ليگ جو افتتاح ڪيو ۽ آفريدي فين ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪيپٽن سيد همير شاهه کي شرٽ ڏني. جڏهن ته سيد پريميئر ڪرڪيٽ ليگ طرفان شاهنواز ڏاهاڻيءَ کي پي ايس ايل 6 ۾ 20 وڪيٽون وٺڻ تي کيس ٽرافي انعام طور ڏني وئي. شاهنواز ڏاهاڻي جي اچڻ تي گمبٽ جي نوجوانن خوشي اظهار ڪيو آهي.