حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ رڪٽ بئنچ تعليم کاتي ميرپورخاص پاران 157 غيرقانوني ڀرتيون ڪري ٽريزري عملي پاران کين پگهارون جاري ڪرڻ واري نيب ريفرنس مان تعليم کاتي ۽ ٽريزري کاتي جي 19 عملدارن جي 5 سالن بعد پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. خزاني آفيس عمرڪوٽ جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ آفيسر محمد اقبال خان، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر محمد عالم سومرو، ميروپورخاص تعلقي جي اڳوڻي اي ڊي او فيميل مسمات نسيم اختر، مسمات خديجه ميمڻ، مسمات سيما ٽالپر، اڳوڻي اي ڊي او ميل خدابخش لاشاري، آفيسر سپرنٽينڊنٽ حاڪم اڄڻ، انور حسين، اسسٽنٽ ٽي اي او سيد اياز حسين شاهه، ميرپورخاص خزاني جي اڳوڻي سب اڪائونٽنٽ منتظر مهدي، اڳوڻي جونيئر آڊيٽر محمد فيصل پنهور، ڪي پنچ آپريٽر سعيد الرحمان، سينيئر آڊيٽر سيد محمد ذوالفقار علي، محمد يوسف، عمرڪوٽ خزاني آفيس جي سب اڪائونٽنٽ نديم شيخ، الهداد، ڄامشورو خزاني آفيس جي سب اڪائونٽنٽ فهيم حيدر ميمڻ، ٽنڊوالهيار خزاني آفيس جي ڊيٽا پروسنگ اسسٽنٽ، ميرپورخاص خزاني آفيس جي اڳوڻي اڪائونٽنٽ انور علي ٿيٻو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر محمد عالم سومرو ۽ اڳوڻو رٽائرڊ ڊي ڊي او ڪانجهي مل ايڊووڪيٽ عشرت علي لوهر، غلام نبي جروار ۽ ٻين معرفت پڪي ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون هيون. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي سمورن جوابدارن جي پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته 2011ع ۽ 2012ع دوران تعليم کاتي ميرپورخاص 157 ماڻهن کي غيرقانوني طور مختلف اسڪولن ۾ استاد، ليب اسسٽنٽ ۽ ڪلارڪ طور ملازمتون ڏنيون هيون. بعد ۾ ڄاڻايل ملازمن کي ميرپورخاص خزاني آفيس سميت ٻين خزاني آفيسن مان جعلي آءِ ڊيز ٺاهي پگهارن جي مد ۾ ڪروڙين رپيا جاري ڪيا هئا.