پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ بجلي جي اگهن ۾ به اضافي جون تياريون

0
219
بجلي بچائڻ لاءِ ڪمرشل فيڊرز

ڪراچي  (م ڊ) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ کانپوءِ هاڻي بجلي جي اگهن ۾ وڏي واڌ جي تياري ڪئي پئي وڃي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ جي صورت ۾ عوام لاءِ اڃا به وڌيڪ پريشانين ۾ اضافو ٿي ويندو

سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست موڪلي ڇڏي آهي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي سي پي پي اي بجلي جي قيمت ۾ 6 رپيا 10 پئسا في يونٽ واڌ ڪرڻ جو چيو آهي

نيپرا جو چوڻ آهي ته درخواست جنوري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ڪئي وئي هئي، جنهن جي ٻڌڻي 28 فيبروري تي ٿيندي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ بجلي جي سڀني ڊسٽري بيوشن ڪمپنين لاءِ آهي

واضح رهي ته تازو ئي پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا 3 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

پيٽرول 12 رپيا في لٽر مهانگو: ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا واڌ