پيروسڻ/ٺري ميرواهه (نمائندن وٽان) پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابراھيم جروار ۾ 12 ورهين جي نينگر زين العابدين پٽ صوبل جروار کي ڳوٺاڻن پاران ڳوٺ ڀرسان سندن ئي نئي ٺھيل گھر اندر وڻ ۾ بيھوش حالت ۾ ٽنگيل ڏسي وارثن کي اطلاع ڪيو، وارثن واقعي واري هنڌ پهچي نينگر کي وڻ تان لاهي بيھوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال متنقل ڪيو، جتان بعد ۾ نينگر کي گمبٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو، ان حوالي سان نينگر جي والد صوبل جروار ٻڌايو ته پٽ کي صبح جو ڪڻڪ جي ديري جو خيال ڪرڻ لاءِ چيم ته هن انڪار ڪيو، جنهن بعد کيس نئين ٺهندڙ گهر ۾ ڪبوترن، ڪڪڙن ۽ پکين کي داڻو ڏيڻ لاءِ چيو، ڪجھه دير بعد ڳوٺاڻن اطلاع ڪيو ته پٽ وڻ ۾ ڏنگيل آهي، هن ٻڌايو ته پٽ ڪاوڙ ۾ اچي آپگهات ڪوشش ڪئي آهي، ٻي طرف ڳوٺ ۾ چوٻول آهن ته نينگر کي ڪبوترن جي مامري تان جوابدارن گهٽا ڏئي قتل جي ڪوشش ڪئي آهي، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته نينگر جا وارث ٿاڻي تي نه آيا آهن، مامري جي جاچ ڪيون پيا.