پنگريو (ن پ ا) پنگريو ۾ نائين ڪلاس جي شاگرد سان مبينا بدفعليءَ واري واقعي جو پنگريو ٿاڻي تي نينگر شاھزيب جي والده حنيفان راجپوت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ شوڪت شاھ سميت ٻن نامعلوم ماڻهن کي جوابدار ڄاڻايو ويو آھي. فريادڻ ڄاڻايو آھي ته شوڪت ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن شاھزيب کي رات دير سان اوطاق تي گھرائي نشو ڏئي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ بس اسٽاپ ڀرسان ڪچري جي ڍير تي بيھوشي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. ھوڏانھن پنگريو پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدارجي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن پر جوابدارفرار ٿي ويو آھي.