ٺٽو (رپورٽر) پريس ڪلب جھپير پاران ٺٽو- جهمپير روڊ جي بحاليءَ لاءِ جاري 5 ڏينھن واري علامتي بک ھڙتال پ پ اڳواڻن جي خاطري بعد ختم ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن سياسي، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن، شھرين ۽ ڪوھستان واسين سميت ٺٽو بار جي وڪيلن ايڊوڪيٽ آفتاب ميمڻ ۽ وڪيل اعظم گوپانگ سميت اسدگوپانگ، نور محمد شورو، ياسر جاکرو، محمد بخش مري، احمد سولنگي دارا گوپانگ، مير خان شورو، اسلم پالاري، عاشق پالاري، فيصل رضا پالاري، رحمان چانگ، جميل پالاري، ياسين درس ۽ ڪوھستان واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي پريس ڪلب جھمپير جي نظير احمد پالاري، خدا ڏنو پالاري، حميد پالاري، اسماعيل درس، اڪبر شورو ۽ ٻين چيو ته ٺٽو- جھمپير روڊ سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري ناڪاره بڻجي چڪو آهي، جنهن ڪري هزارين علائقي واسي سفري سهولتن کان محروم بڻيل آهن. هوڏانهن پ پ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ جھانگير پالاري، احمد خان پالاري بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي کين پ پ ايم پي اي رياض شاھ شيرازي ۽ پ پ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ پاران جلد روڊ ٺهرائڻ جي خاطري ڪرائي بک هڙتالين کي هار پارائي 5 ڏينهن واري جاري علامتي بک هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي.