سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي مشھور ڊاڪٽر محمد پنڃل ڪلھوڙو جو ھڪ ھفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان پٽ راجا محمد عباس جي وارثن ۽ ڪلھوڙا برادري جي ماڻھن ڊاڪٽر محمد پنڃل ڪلھوڙو، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن (پي ايم اي) سکر جي صدر ڊاڪٽر عبدالواحد عباسي، ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ، عاشق عباسي، زبير، غلام نبي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ پڙھندڙ نوجوان شاگرد راجا محمد عباس سکر آيو ھو، جتان ھڪ ھفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي، جنھن جي ڪار سنڌوءَ تي اڏيل سکر جي پل وٽان ملي ھئي، نوجوان جي ڳولھا لاءِ سکر پوليس ڪو تحرڪ ناھي ورتو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون توڙي ايس ايچ او روھڙي ثناءُ اللھ کونھارو صرف آسرا ۽ دلاسا ڏئي رھيا آھن، نوجوان شاگرد راجا محمد عباس کي بازياب ڪرائي وارثن ۽ سکر واسين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاجي ڌرڻو ھڻي نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو.