پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ وفاقي وزير فھميده مرزا جي 70 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي لاءِ هٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان پنگريو پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جا آواز ٻڌا آهن، مامري جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻئي طرف حسنين مرزا پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته بشارت زرداري ڏوھاري قسم جو ماڻھو آهي، جنھن اڳ به اسان جي زمين تي قبضو ڪيو ھو، جنھن کي انتظاميا خالي ڪرايو ھو، هاڻ ٻيھر بشارت زرداري اسان جي زمين تي قبضو ڪري فائرنگ ڪري رهيو آهي، هن ٻڌايو ته ايس ايس پي بدين کي مامري جي آگاهي ڏني آهي، جوابدارن اسان جي هارين کي به زمين تان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن بشارت زرداري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان پياري ڦل کان زمين ورتي آھي، مرزا فيملي نٿي چاھي ته بشارت علائقي ۾ ڪا زمين وٺي سگھي، مرزا جا ماڻھو اسان جي ورتل زمين تي فائرنگ ڪن ٿا، جنهن جو اسان جواب ڏيون ٿيا.