پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان چونگھا ۾ گھريلو اڻبڻت تان پاڻ کي مبينا گولي ھڻندڙ نوجوان دم ڏئي ڇڏيو آھي، نوجوان علي حيدر ڪلھوڙو گھريلو اڻبت تان گولي ھڻي مبينا طور خودڪشي ڪئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ھن دم ڏئي ڇڏيو آھي، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان گھريلو اڻبت تان گولي ھنئي آھي پاڻ کي ، جڏھن ته بائجي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.