باڊھه (ن پ ا) باڊهه ۾ نوجوان گهر وارن سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو. خبر موجب شهر جي درگاهه شريف پاڙي جي رهواسي نوجوان نعيم علي منگي گهر وارن سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي وارث چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي والد مير محمد منگي جو چوڻ هو ته سندس پٽ گهر وارن سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي ڇڏي، هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.