فريد آباد/ خيرپورناٿن شاھ (نمائندا) خيرپورناٿن شاھ جي ماڏو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جعفر خان چانڊيو ۾ گهر ٻاهران 26 ورهين جو نوجوان علي خان چانڊيو جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو. اطلاع تي ماڏو ٿاڻي جي پوليس پهچي وڻ تان لاش لاٿو، فوتي جي ڀاء ڪرم علي چانڊيو ٻڌايو ته منهنجي ڀاء جو ذهني توازن درست نه هو، جنهن جو علاج ميهڙ جي اسپتال مان هلندڙ هو ۽ درويش ٽائيپ ماڻهون هو، جنهن وڻ تي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، هن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني وغيره ناهي، جڏهن ته رابطي تي ماڏو ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته فوتي جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته هنن جو ڪنهن سان دشمني ناهي هن جي ڀاء جو ذهني توازن درست نه هيو ۽ هن جو علاج پڻ هلندڙ هيو فوتي پنهنجي وس ۾ نه هو تنهن ڪري هن اهو قدم کنيو هن ٻڌايو ته لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق نوجوان جي وارثن ڀاءُ ڪرم علي چانڊيو ۽ ٻين باڊي جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته سندس فوتي ڀاءُ ذھني طور معذور ھو جنھن اڄ اچانڪ اھڙو قدم کڻي ڦاھو کائي زندگي جو انت آندو آهي.