پنهنجي ڪھاڻي سمارٽ فون

0
337

محمد علي پٺاڻ

اڌ رات جو عورتاڻي آواز جي ڪيھاٽَ تي اک کُلي وئي. تڙ تڪڙ ۾ بسترو ڇڏي ٻاھر نڪتس. اسٽريٽ لائيٽ جي روشنيءَ ۾ ڏھن ٻارھن مختلف عمرين جي پاڙيسري مردن جي چھرن تي افسوس جو تاثر نمايان ھو.
“ڇا ٿيو آ؟” ڪاڪي گلڻ کان پڇيم.
“ناصر جي گهر واريءَ پاڻ تي پئٽرول ھاري باھ ڏئي ڇڏي آ..”
“ڇو؟”
“ناصر جي ننڍي ڀاءُ نصير ڪنهن طرف جلديءَ ۾ ويندي فقط ايترو ٻڌايو، ته ناصر جيئن سومھڻيءَ مھل پنهنجي پان ٻيڙيءَ جي مانڊڻي بند ڪري گهر موٽيو ته جوڻس سمارٽ فون وٺي ڏيڻ جو مطالبو ورجايو. جنهن تي ناصر چيس، ته وٽس ڏوڪڙ ناھن. سندس ويم جو قرض لاهي ته پوءِ موبائل وٺي ڏيڻ جي وَسِيَتَ ۾ ايندو. پر مائيءَ اھو نه مڃيو ۽ کيس وڏي آواز ۾ ڪوڙو ڪوڙو چئي، ايمرجنسيءَ ۾ موٽر سائيڪل لاءِ ورتل پئٽرول جي بوتل پاڻ تي ھاري تيلي ڏئي ڇڏيائين ۽ ھاڻي ڦٿڪي پئي.. ”
“اَئي.. “ڏک وچان ايترو مس چيم ته ھڪ رڪشا اچي ناصر جي گهر اڳيان بيٺو. جنهن مان نصير لھي گهر اندر ويو ۽ ٿڏي تي ٻئي ڀائر دانھون ڪوڪون ڪندڙ سڙيل عورت کي ٻاهر کڻي رڪشا ۾ ويھاري، پاڻ به ان سان گڏ اسپتال روانا ٿي ويا.
انهن جي وڃڻ بعد ڪاڪي گلڻ مون ڏانهن مُنهن ڪندي چيو،”ھن موبائل معاشري ۾ وڏو ڪِنُ ڪيو آ. آھي ناھي، ھرڪو چئي ٿو، ھر صورت ۾ اھا ھُجي ئي ھجي. نه ته زندگي حيرت جي حد تائين کُٽَلَ کُٽَلَ محسوس ٿو ڪري. واھ ڙي زمانا واھ! الائي ڪاٿئون اھا بلا آندئي ۽ ھي ڏينهن اچي ڏيکاريئي.. ”
ڪاڪي جو اھو گفتو ٻڌي دل تي ڏک جو بارُ کڻي گهر موٽيس.
ڏٺم ته گهرواري ۽ ڇھن سالن جو سارنگ ۽ اٺن سالن جي ساران ننڊ مان جاڳي کٽن تي ويٺل ھئا، باقي ٻن سالن جي سڀاڳي ننڊ پيل ھئي.
“اِھي رڙيون زينا جون ھُيون نه؟”
گهرواريءَ جي ان سوال تي ڪنڌ لوڏي” ھائو” ڪيم، ته سبب پڇيائين.
جنهن جي موٽ ۾ سمارٽ فون جي ان جي مطالبي ۽ پاڻ ساڙڻ جي سربستي ڳالھه ٻڌائي مانس، ته اوچتو ساران چيو،”بابا، مونکي به اھا ٽَچِ موبائل نه وٺي ڏيندين نه، ته مان به. آنٽي زينا وانگر پاڻ ساڙي ڏيکارينديمانءِ..!”