ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ افغانستان ۾ طالبان جي ڪامياب آمريڪا جي بري شڪست قرار

0
223

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪالهه افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪستان ۾ سياسي ڳالهين تي ٽاپ ٽرينڊ هلايا ويا. انهن مان ٽاپ 10 ٽرينڊ فال آفه ڪابل، خوني لبرلز نمڪ حرام، پاڪستان ايمبيسي، هم ڪهان ڪي سچي ٿي، افغانستان، پرائيم منسٽر عمران خان، سونم ڪپور، انڊين گورنمينٽ، تمنا ڀاٽيا ۽ گاڊسي شامل آهن.
هيش ٽيگ فال آف ڪابل ۾ افغانستان جي تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ماڻهن افغانستان ۾ طالبان جي آمد بعد ملڪ ڇڏڻ جي خواهشمند ماڻهن جي رش جون وڊيو به شيئر ڪيون جيڪي مختلف ايئرپورٽس تي زوري جهازن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا. هڪ تصوير ۾ ايئرپورٽ تي بيٺل ڪام ايئر جي جهاز جي ڇت تي ماڻهن کي ويهاريل ڏيکاريو ويو. جڏهن ته ٻين تصويرن ۾ هزارين ماڻهن کي ايئرپورٽ اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڀتيون ٽپندي به ڏيکاريل آهي. جڏهن ته اسپين جي رياست ڪيتالونيا جي 130هين صدر ڪارلس پگمونٽ جو چوڻ آهي ته ڪابل تي طالبان جي قبضي جو لکين افغانين تي اثر پوندو. طالبان بنيادي حقن، عورتن جي تعليم، اقليتن جي احترام ۽ اظهار جي آزادي لاءِ خطرو آهن ۽ اهي اسان سڀني لاءِ خطرو آهن، يورپي يونين ۽ يورپي پارليامينٽ کان مطالبو ٿو ڪريان ته هن بحران ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن. جڏهن ته مختلف صحافين به ان کي آمريڪا جي شڪست قرار ڏنو. هيش ٽيگ پاڪستان ايمبيسي ۾ افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني بابت خبرون ڏنيون ويون جن مان اڪثر ناڪاري هيون. خوني لبرلز نمڪ حرام ٽرينڊ ۾ پاڪستان جي انهن آزاد خيال ماڻهن تي ٺٺوليون ڪيون ويون جيڪي انتهاپسندي جا مخالف آهن. اهو ٽرينڊ پي ٽي آءِ جي حامي اينڪر عمران رياض خان طرفان هڪ ڏينهن اڳ به هلايو ويو هو.