سوال/سروي ڀان سيد آباد ۾ پورهيتن کي رسن سان ٻڌي تذليل ڪرڻ جي مذمت: قانون جي حڪمراني نه هجڻ ڪري اهڙا واقعا ٿيندا آهن: عوام جي راءِ

0
232

پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج تي اخبار پڙهندڙ لاءِ سوال رکيو ويو ته ڀان سيد آباد لڳ ڪڪڙيون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ بااثر ٻن پورھيتن کي رسن سان ٻڌي تشدد ڪيو آھي. ان صورتحال تي توھان جي ڇا راءِ آھي ۽ اھڙا واقعا ڪيئن روڪي سگھجن ٿا؟ ان جي جواب ۾ اڪثريت صارفين ان کي قانون جي ڪمزور حڪمراني جو نتيجو قرار ڏنو ۽ جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ ۽ قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ان سلسلي ۾ سڪندر بلوچ لکيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته قانون جي رٽ ڪمزور ھئڻ ڪري اھڙي واقعا پيش اچي رھيا آھن. ھر شخص قانون کان مٿانھون ٿي پنھنجي عدالت ٿو لڳائي ڇڏي جيڪو غيرقانوني عمل آھي. ڀان سعيدآباد واقعي جي ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت قانوني سزا ڏني وڃي جيئن ڪو ٻيو واقعو نه ٿئي. بوزدار وڏا کان مظفر شبير بوزدار چيو ته انهن کي سزا ڏني وڃي مگر اسان وٽ پيسو قانون کان مٿانهون آهي وڏيرا شاهي سياسي لٽيرن جي سپورٽ جي ڪري هي ظلم ٿئي پيو. انهن ظالمن کي انهي کان وڌيڪ سزا ڏني وڃي. علي گوهر چيو ته سنڌ ۾ جيستائين وڏيرڪو راڄ ختم نه ٿيندو تيستائين سنڌ جي غريب ماڻھن سان ظلم پيا ٿيندا. اڄ هڪ ٻيو به سنڌ ۾ واقعو پيش آيو آھي ڪمند جي ڇڙهي پٽڻ تي معصوم ٻارن تي وڏيري جي ڪمدار تشدد ڪيو آھي. ان تي به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. گيان راءِ لکيو ته سنڌ ۾ جيستائين ڀوتارڪو نظام ختم نه ٿيندو ۽ تعليمي نظام بھتر نه ٿيندو تيستائين اھڙا واقعا ڏسڻ روز جو معمول بڻيل رھندا. جاويد احمد چيو ته اهو ظلم آهي مسڪين انسان کي رڳو ڪڪڙ چوري ڪرڻ تي تشدد ڪرڻ اهو به بااثر پاران ان تي قانون حرڪت ۾ اچڻ کپي. مسڪينن کان ڪڪڙ چوري ڪرڻ جو سبب پڇي انهن جي مدد ڪئي وڃي ۽ بااثر کي گرفتار ڪري جيل موڪليو وڃي. مبين اڄڻ چيو ته افسوس آھي ھتي سنڌ توڙي پاڪستان ۾ ڪنھن غريب مسڪين کي انسان ئي نٿو سمجھيو وڃي. سڌريل ملڪن ۾ ڪنھن جانور تي به لٺ کڄندي ته ان جي سزا آھي پر ھتي خون به ٿي وڃي ته قاتل گرفتار ناھن ٿيندا. ھي ۽ ھن جھڙا واقعا مان سمجھان ٿو قانون ۽ پوليس جي ڪمزوري ڪري ٿين ٿا ڇو ته اھڙن ظالم ڪردارن کي خبر آھي ته ھتان جو قانون ۽ پوليس اسان سردارن وڏيرن ۽ پئسي وارن جا غلام آھن ۽ اسان ڏي ڪو ميري اک کڻي نٿو ڏسي سگھي. سوشل ميڊيا تي روز اهڙن واقعن جا تفصيل ايندا رھن ٿا پر افسوس سنڌ پوليس صرف وڏيرن جي ونگارو بڻيل آھي. مان سمجھان ٿو جيستائين قانون جي رٽ بحال نه ٿيندي تيستائين اھڙا واقعا ٿيندا رھندا. اھڙن واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جيئن اھڙن ظالمن کي لغام اچي سگھي. علي اصغر قيصراڻي چيو ته منهنجي خيال ۾ انهن معاملن جو ذميوار سرمائيدار، جاگيردار ۽ وڏيراشاهي آهي ۽ خود قانون به ذميوار آهي جيڪو غريب کي انصاف به نه ٿو ڏئي. موهن لعل چيو ته سنڌ جي ڀوتارن قانون کي هٿ ۾ کڻي آئي روز غريب ماڻهو تي تشدد ڪرڻ عام بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جو مثال ڪڪڙ چوري به آهي،انهي ڪڌي روش کي لغام ڏيڻ لاءِ پوليس مان سياسي مداخلت کي نيڪالي ڏني وڃي ته جيئن غريب خلق سان انصاف ٿئي. ذوالقرنين لنڊ چيو ته هتي ماڻھن هٿان ڪڪڙ چور کي ئي اهڙي سزا ملي ٿي، باقي ملڪ لٽيندڙن کي سونا تاج ۽ بوسڪي جا پٽڪا ٻڌرايا وڃن ٿا. بس منافقي ختم ٿئي ته اهڙا واقعا رڪجي ويندا. خاموش خليل شر چيو ته افسوس آھو آھي سنڌ ۾ سڀ ڪو پنهنجا پنهنجا قانون جوڙيون ويٺا آھن سڀ ڪو پنهنجو سزا جو قانون جوڙيو ويٺو آ ڇا ڪڪڙ جي چوري تي نوڪرن کي ايڏي سزا جو مارڻ واري تي خدا جو قهر نازل نه ٿيو غريب مزدورن جي ويهڪ واري جاءِ ڀڃي ڇڏي، هتي ڪوبه قانون نه آھي سڀ ڪو ڇڙواڳ لڳو پيو آ خدارا مزدور ويچارن کي انصاف ڏياريو وڃي. سيد علي رضا شاه ٻيلو سجاول مان لکيو ته افسوس اسان وٽ سياسي چور ۽ بيوروڪريٽس ڌاڙيل آزاد آهن پر ڪڪڙين جي چورن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي. عبدالحفيظ ويسر چيو ته تمام غلط عمل آهي انسان جي عظمت وڏي معنيٰ رکي ٿي اسان جي حڪومت ڪمزور آهي جو اسان جي ملڪ ۾ ڪو قانون ناهي. عدالت کي گھرجي ھن واقعي جو نوٽيس وٺي پورھيتن تي تشدد ڪندڙن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. جمال الدين چنا جي راءِ هئي ته جيستائين ڏوه ڪندڙن کي بنا رحم جي سخت کان سخت سزائون نه ڏنيون وينديون اوتري تائين اهڙا واقعا ٿيندا رهندا. سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ ان تي فورن عمل به ٿيڻ گهرجي. لالا ڪاشف ڪلهوڙو موقف پيش ڪيو ته هي جوابدار هئان جن دادو پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان 7 مڻ مرغي چوري ڪئي جيڪا ڪونه پيا باسيون جنهن سبب فارم مالڪ اسان مٿان تشدد ڪيو ۽ اسان ڪيل ڏوھ قبول ڪيو ۽ هتي به پنهنجو ڏوھہ قبول ڪيون ٿا. ٻئي طرف شهمير مهر چيو ته تمام غلط عمل آھي افسوس آھي اسان جي نظام تي. حاجن جلباڻي جي راءِ هئي ته قانون کان ڪير به مٿاهون ڪونهي هڪ لمحي لاءِ مڃي به وٺجي ته هي چور هئا پر ان شخص کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته مسڪين مزدورن تي وحشياڻو تشدد ڪري، قانون جي رٽ نه هجڻ ڪري اهڙا اندوهناڪ واقعا هر روز ٿين ٿا. عاقب حسين چيو ته تشدد ڪرڻ وارن کي سخت سزا ڏني وڃي، کين ٻڌايو وڃي ته انسان جي قيمت ڇا آهي ۽ انسان ڪڪڙ جي قيمت کان به گهٽ آ ڇا؟ رزاق ڍاٽي چيو ته ھتي ڪڪڙ چوري ڪرڻ واري سزا ملي ٿي باقي ملڪ لٽيندڙ چورن کي سونا تاج پھرايا وڃن ٿا …!! صرف قانون رٽ ڪمزور ھئڻ ڪري اھڙا واقعا پيش آچن ٿا. واقعي جي ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، جيئن ڪو ٻيو واقعو پيش نه اچي. اويس بلوچ چيو ته جنهن شھر ۾ جتي به تشدد ڪرڻ وارو واقعو پيش اچي انهي حد جي ايس ايچ او کي به اھو اختيار ڏنو وڃي ته انهي تشدد ڪندڙ شخص جي مٿان ھو پاڻ ٿاڻي تائين تشدد ڪندو وڃي ۽ اھا وڊيو ڪلپ به فورن سوشل ميڊيا تي لائيو نشر ڪئي وڃي. جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي، پوءِ ڀلي انهي کي قانون موجب سزا ملي. عمر پنهور لکيو ته اھو ظلم آ پھريان پڇي پڪ ڪري تنھن کان پوءِ قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. شاهد شر چيو ته هي خبر پڙهي حيرت ۾ اچي ويس ته غريب جي ڪا احميت ناهي! افسوس اسان وٽ سياسي چور ۽ بيوروڪريٽس ڌاڙيل آزاد آهن پر ڪڪڙين جي چورن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي.وحيد مستوئي چيو ته جيڪڏھن ڪو ڏوھ ڪري به ٿو ته ان جو مطلب اھو ناھي ته وڏيرو ذاتي عدالت لڳائي، اھو عدالت کان مٿانھون قدم آھي. خادم گهراڻو چيو ته افسوس جو اظهار ئي ڪري سگهجي ٿو. شفقت حسين ابڙو چيو ته وڏيرو جاگيردار يا ڪامورو شاهي طبقو سدائين هيٺين واري طبقي تي حاوي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هتي ڪو به مظلوم لاءِ ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار آهي. غريبن جو نه ماضيءَ ۾ ڪو تدارڪ ٿيو آهي ۽ نه وري ڪا قانون ۾ اميد آهي جيڪو ڏاڍو سو گابو آهي.