ڪنهن به شهري جي گهر ۾ نه گهڙو، نه هٿيار يا گاڏي کسيو: طالبان اڳواڻ ملا يعقوب

0
330
ڪابل تي طالبان جي

ڪابل؛ تحريڪ طالبان جي باني ملا عمر جي پٽ ملا محمد يعقوب پنهنجي هڪ تازي آڊيو پيغام ۾ پنهنجي ويڙهاڪن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آيل علائقن ۾ ڪنهن به شهري جي گهر ۾ داخل نه ٿين ۽ نه ئي انهن کان گاڏي يا ڪي ٻي شيءِ کسڻ جي اجازت آهي. آڊيو پيغام ۾ چيو ويو ته” سڀني مجاهدين کي اھي ھدايتون ۽ پيغام آھي ته ڪنھن کي به ڪنھن به شھري جي گھر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناھي ، خاص ڪري ڪابل ۾ جتي اسان داخل ٿيا آھيون. ڪنهن به شهريءَ جي گهر ۾ داخل نه ٿيو ۽ نه ڪار يا ڪا ٻي شيءِ گهرو، ان کي بعد ۾ ڏٺو ويندو.“ ملا يعقوب وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن شهري کان ڪار يا هٿيار کسيندو يا لڪائيندو ته اها ’خيانت‘ آهي.