پنهنجي ماءُ کي ماري، ان جو گوشت کائيندڙ همراهه مٿان ڪيس داخل

0
565

ميڊرڊ (ڊيسڪ رپورٽ) اسپين ۾ هڪ همراهه مٿان پنهنجي ماءُ کي قتل ڪرڻ ۽ ان جو گوشت کائڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس هلي رهيو آهي. البرٽو سانچيز گومز کي 2019 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن پوليس سندس 66 سالن جي ماءُ جي گهر وئي. پوليس انهي عورت جي هڪ دوست پاران ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ بعد پهتي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته هنن کي گهر جي چوڌاري عورت جي جسم جا ٽڪرا مليا ، جن مان ڪجهه پلاسٽڪ جي دٻن ۾ رکيل هئا. ملزم عدالت ۾ دعويٰ ڪئي ته کيس پنهنجي ماءُ جو لاش کائڻ ياد ناهي. اطلاعن موجب البرٽو واقعي کان اڳ پرنلٽي ڊس آرڊر جو شڪار هو ۽ کيس نشي جي عادت پڻ هئي. اسپيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته پوليس کي البرٽو بابت خبر هئي ڇاڪاڻ ته هو ماضيءَ ۾ به ماءُ مٿان تشدد ڪندو رهيو هو.