پندرنهن ڏينھن جو ورچوئل پيار 

0
30
پندرنهن ڏينھن جو ورچوئل پيار 

 عقيدا ان وقت جنم وٺندا آھن، جڏھن انسان پنھنجن ڪيل اعمالن (برا ھجن يا ڀلا ھجن) جي  پناھگاھ  يا آستانو ڳوليندو آھي ۽ انهن اعمالن مطابق فضائل توڙي وصفون جوڙي وٺندو آھي. ڪروڙين سالن جي تاريخ رکندڙ ھي انسان زوال طرف پيو وڃي يا عروج طرف، ان جو فيصلو انسان پاڻ ئي ڪري ٿو پر پنھنجين خامين کي لڪائڻ جي لاءِ ھن ھڪ اصطلاح “تقدير، ڀاڳ” استعمال ڪري پاڻ کي ان الزام کان آجو ضرور ڪيو آھي. جوڙا آسمانن تي ٺھندا آھن، زمين تي انسان جي اچڻ کان پھرئين انھن جا روح ملي ويندا آھن، عورت مرد جي پاسراٽيءَ مان نڪتل آھي يا وري عورت جي مٽي مرد جي مٽيءَ مان کڻي ان جو جوڙو ٺاھيو ويندو آھي، اھڙيون کوڙ ساريون ھٿ ٺوڪيون ڳالھيون اوھان ٻڌيون ھونديون. جڏھن انھن جي تخليقڪارن يا وري انھن جي مئنيجرن انھن کي ٻين تي جبري طور مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي. اھو سلسلو تمام گھڻو پراڻو آھي. سنڌ جون موجوده حالتون ڏسي مون کي بہ ائين لڳندو آھي تہ ڄڻ آئون بہ  ايترو ئي پراڻو آھيان.

                 اخبارون کڻي ڏسون تہ ھر روز سنڌ جي ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ مان نياڻين جي اغوا جون خبرون ڇپيل ملن ٿيون. انھن مغوي عورتن جو ھاڻ تقريبن ڊراپ سين “پيار جي پرڻي” تي ٿئي ٿو. چوندا آھن تہ عورت جي ڪمزور (نفيس) جسماني جوڙجڪ جي باوجود سندس حوصلن جي پختگي کي شڪست ڏيڻ تيستائين ممڪن ناھي، جيستائين ان کي پيار جھڙي احساس ۾ جڪڙجي نہ ٿو، پوءِ جھر جھنگ، محل محلات، رسم رواج، ذات پات، مذھبي توڙي طبقاتي زنجيرن کي ٽوڙڻ جو حوصلو، قدرت واري صرف عورت کي ئي عطا ڪيو آھي. مرد عورت جي انھيءَ ڪمزوري کي بخوبي ڄاڻي چڪو آھي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحہ جي سورمين کي جيڪڏھن مختصر بيان ڪجي تہ ھن ريت بيان ڪري سگھجي ٿو ته، “عورت جو پيار ئي روحاني رمزون ڄاڻي ٿو”. ميھار بيوس بڻجي پوي پر سھڻي واھڙ کي نہ ليکيندي اچي محبوب وٽ پھچي ٿي. راڻي جي ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ مومل راڻي جي ويس وڳن مان آسيس ماڻي ٿي. مارئيءَ کي پنھنجي ماروئڙن جي طرفان جيڪو ور مليل آھي، تنھن جي لاءِ لعل لبيس توڙي  ھيرا جواھر ٺڪرائي ٿي ڇڏي. سالن کان ساحل ڪناري اوسيئڙي ۾ ويٺل جوانيون پنھنجن ورن جو انتظار ڪري، وارن ۾ چاندي آڻيو ڇڏين. مطلب تہ عورت جي وجود کان وڌ اھو احساس وڏي معنيٰ رکي ٿو، جيڪو ھن کي ڪنھن مرد، جنھن کي ھڪ دفعو ھوءَ مڃي ٿي وٺي، ڏنو آھي.

جديد دور ۾ جتي “مصنوعي (ھٿرادو) ذھانت” تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي، اتي جديد دور جي ٽيڪنالوجي انساني احساسن توڙي ڪيفيتن ۾ بہ تمام گھڻي ترقي آندي آھي. مثال طور جيڪڏھن سھڻيءَ کي ميھار جي ديد خاطر واھڙ نہ اورانگھڻو پوي ھا، راڻي جي آسيس وٺڻ لاءِ مومل، سومل کي راڻو نه بڻائي ھا، سسئي جھر جھنگ نہ جھاڳي ھا، راءِ ڏياچ مڱڻي کي سر ڪٽي نہ ڏئي ھا، بس ڪو بہ فور جي ۽ فائيو جي موبائل وٺي پيا واٽس ايپ، فيس بڪ تي روح رھاڻيون ڪن ھا. پيار جي جذبن ۽ مذھب جا متبادل ايترا آسان بڻجي وڃن ھا، جيئن ڪنھن بہ نيٽ ورڪ جي ملندڙ سِم يا منصوعي ذھانت کان پڇيل ڪنھن سوال جو جواب. مطلب تہ پيار بہ ورچوئل بڻجي پنھنجو ڄار 15 ڏينھن ۾ وڇائي ھا ۽ ايتري تيزي سان ئي رشتا ناتا، مٽ مائٽ مَٽرائي ڇڏي ھا. جيڪر ملاقات جي ضرورت بہ نڪاح کانپوءِ ئي ٿئي ھا! خبر ناھي تہ 15 ڏينھن جي اندر موبائل جي رابطي وسيلي ڪنهن ڇوڪريءَ کي ان جي پريميءَ پنهنجي مذھب جون ڪھڙيون اھڙيون خوبيون ٻڌائي ورتيون، جنھن جي تلاش ۾ ھند و سنڌ جا عالم 15 سئو سالن کان لڳا پيا آھن.

آخر اهو ڪهڙو طريقو آهي، جنهن ذريعي ڪنهن کي 15 ڏينهن اندر مذهب تبديل ڪرائي سگهجي ٿو؟ جيڪڏھن ائين آھي تہ پوءِ رياست کي گھرجي تہ انهن “مِٺن” ۽ درگاهي مبلغن کي گڏ ڪري يورپ جي ملڪن ۾ موڪليو وڃي تہ جيئن اتي بہ اھي غير مذھب نياڻين کي ائين ئي 15 ڏينھن جو ورچوئل پيار ڪرائي پنهنجو مذهب قبول ڪرائي وٺن.