برسبين (انٽرسٽنگ نيوز) آسٽريلوي شخص هڪ ڪلاڪ ۾ 3200 پش اپس لڳائي نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. برسبين ۾ لوڪاس هيلمڪي هڪ ڪلاڪ ۾ 3206 پش اپس هنيا جيڪو بنا شڪ جي هڪ حيرت انگيز ڪم آهي. ڇوته هن هڪ منٽ ۾ 53 جسماني اٿ ويهه ڪئي آهي جيڪا هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ پش اپ بڻجي ٿو. ڪيترن ئي ٻارن جي 33 سالن جي والد لوڪاس هيلمڪي بينڪ ۾ اڪائونٽنٽ آهي جنهن پنهنجي شهر جي مقامي جمنازيئم ۾ پنهنجي صلاحيت جو عملي مظاهرو ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته پنهنجي هڪ سال جي ٻار کي حوصلو ڏيڻ لاءِ اهڙو ڏکيو رستو اختيار ڪيو آهي ته جيئن هن کي ٻڌائي سگهجي ته دنيا ۾ ڪجهه به ناممڪن نه آهي. گنيز بڪ اف ورلڊ رڪارڊ ان عمل لاءِ تمام سخت شرطون رکيون هيون. لوڪاس سمورين شرطن جو خيال رکيو ۽ ڪنهن رنڊڪ کان سواءِ پش اپ ۾ مصروف رهيو. جيئن ته اهو رڪارڊ گذريل سال نومبر ۾ قائم ڪيو ويو هو پر گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ويجهڙ ۾ ئي ان جي تصديق ڪئي آهي.