ڊيٽا سائنس جديد دور جي تعليمي نظام جو هڪ جديد مضمون آهي، جنهن ۾ مشين لرننگ، ماڊلنگ، شماريات، پروگرامنگ، ڊيٽا بيس، ۽ ڊجيٽل بزنس جهڙيون شاخون اچن ٿيون. ڊيٽا سائنس ڊيٽا جو جديد tools سان استعمال ڪيئن ڪجي؟ اهڙي سوالن جو جواب ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڊيٽا مُختلف شڪلن ۾ انٽرنيٽ تي موجود هوندي آهي. اهڙي قسم جي ڊيٽا انگن، تصويرن، وڊيو فارميٽ ۽ documents  جي صورت ۾ هوندي آهي. انٽرنيٽ تي موجود ڪنهن به قسم جي ڊيٽا، جنهن جو مقصد ماڊرن ٽيڪنالوجي ذريعي آساني پيدا ڪرڻ هجي، اهڙي قسم جي ڊيٽا کي استعمال ڪرڻ جي علم کي ‘ڊيٽا سائنس’ چئجي ٿو. ڊيٽا کي گڏ ڪري، اُن کي ھڪ سڌي نموني maintain  ڪري process ڪرڻ تائين جو عمل ان ‘ڊيٽا سائنس’ جي دائرهء اختيار ۾ اچي ٿو. ڊيٽا کي analysis ڪري ڪميونيڪيشن جو ذريعو بڻائڻ لاءِ جديد tools  جو استعمال ٿيندو آهي.مشين لرننگ ‘ڊيٽا سائنس’ لاءِ ڪرنگهي واري هڏي جو ڪم ڪندي آهي. اهو ڪورس ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي به بُنيادي شماريات جو اچڻ لازمي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ ماڊلنگ ۾ مختلف قسم جي ڊيٽا سنڀالي رکڻ جو ڪم به مشين لرننگ ذريعي ٿيندو آهي. دنيا ۾ مختلف قسم جا business models اهڙي ريت ڪم ڪندا آھن. وڏيون وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون پنهنجي ڊيٽا کي سنڀالي رکڻ لاءِ ان طريقي کي استعمال هيٺ آڻينديون آھن. اهو ڪم ڪنهن به ڪمپني ۾ IT managers  جو به هوندو آهي، جيڪي سڄي مواد کي گڏ ڪري ڪمپني جي نفعي نقصان جو ڪاٿو لڳائيندا آھن. Data Scientists  جو ڪم ڪنهن به ڪمپني ۾ ڊيٽا کي گڏ ڪري رکڻ، اُن ڊيٽا تي ڪم ڪرڻ ۽ ڊيٽا ذريعي پنهنجي اداري کي فائدو پهچائڻ آهي.هڪ رپورٽ مطابق 2026ع تائين دنيا ۾ 26 سيڪڙو ماڻهو ‘ڊيٽا سائنس’ جو جديد علم حاصل ڪري پنهنجو  ڪيريئر محفوظ ڪري ڇڏيندا. انھن انگن اکرن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته data science جي فيلڊ ڪيتري تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي. نوجوان اهڙي قسم جو علم بنا ڪنهن في ادا ڪرڻ جي، مخلتف يونيورسٽين جي طرفان فري آنلائن ڪورسن ذريعي گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا. يوٽيوب تي موجود ڪيترائي چئنل اوھان کي مفت ۾ ڊيٽا سائنس جهڙي جديد علم جي باري ۾ مفت ڪورس ڏين ٿا. جديد skills حاصل ڪرڻ لاءِ ﺿﺮﻭﺭﻱ آهي ته بين الاقوامي سطح تي وڌندڙ علم کي حاصل ڪجي ته جيئن دنيا اڳتي ۽ اسان ڪٿي پوئتي رهجي نه وڃون.

 [email protected]