پنجاب جي 20 تڪن مان 15 تي پي ٽي آءِ جي ڪاميابي بعد وڏو وزير حمزه شهباز اڪثريت وڃائي ويٺو

0
233
پي ٽي آءِ جي ڪاميابي

ڪراچي: پنجاب جي 20 تڪن مان 15 تي پي ٽي آءِ جي ڪاميابي بعد وڏو وزير حمزه شهباز اڪثريت وڃائي ويٺو آھي، تحريڪ انصاف جي ميمبرز جو پنجاب اسيمبلي ۾ انگ 163 مان وڌي 178 ٿي ويو

 قاف ليگ جي 10 ميمبرز کي ملائي تحريڪ انصاف 188 ميمبرز جي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي، ننڍي چونڊ ۾ رڳو 4 تڪن تي ڪاميابي ماڻڻ سبب نون ليگ جي ميمبرز جو انگ 164 مان وڌي 168 ٿيو

 اتحادي جماعت پيپلزپارٽي جا 7، 3 آزاد اميدوار ۽ راهه حق پارٽيءَ جو هڪ اميدوار ملائڻ کانپوءِ نون ليگ کي 179 اميدوارن جي حمايت حاصل، نون ليگ جي ٻن اميدوارن جي استعيفا سان پنجاب اسيمبلي جون وڌيڪ 2 سيٽس خالي ٿي ويون

ھي به پڙھندا

پنجاب جي 20 تڪن تي ننڍي چونڊ، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو