پشاور کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو به پي ٽي آءِ کي وڏو جهٽڪو

0
86

پشاور کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو به پي ٽي آءِ کي وڏو جهٽڪو، لاهور هاءِ ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چونڊ نشان واپس وٺڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

 لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي

 جسٽس جواد حسن تحريڪ انصاف جي پٽيشن تي سوال اٿاريندي چيو ته اليڪشن ڪمشنر پنجاب پشاورهاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪيئن تسليم ڪري سگهي ٿو؟ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪمشنر پنجاب جي اپيل التوا هيٺ آهي، ڇا صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنهنجي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف فيصلو ڪري سگهي ٿو؟

جسٽس جواد حسن بيٽ جو نشان واپس وٺڻ واري پي ٽي آءِ جي درخواست ٿي فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ اڄ لاهورهاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

جسٽس جواد حسن پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر آفتاب طرفان داخل درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽِي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان ڪيس تي پنهنجو منع نامو واپس وٺندي اليڪشن ڪميشن جو 22 ڊسمبر وارو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو هو

جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان ٻيهر کسجي ويو هو، پي ٽي آءِ اڳواڻ بئرسٽر گوهر طرفان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اڄ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان  ڪيو ويو آهي