ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيو ڪراچي ۾ گوڌرا پي ايس او پمپ وٽ ڪارخاني ۾ بوائلر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ اڪبر ولد احمد، علي ولد ابرار، وقار ولد ابرار شاهه، نعمان ولد شاهد خان ۽ دائود ولد سعيد احمد شامل آهن. ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي