ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم)سکر ڀرسان سنگرار مان3 سال اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙيءِ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ  ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراھي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم ڪيس سکر مان نوابشاھه  منتقل ڪري  جاچ جي حوالي سان گڏجاڻين جو مرڪز شھيد بينظير آباد کي بڻائي ڇڏيو، زاهد شاهه سميت 16 ڄڻا 26 اپريل تي طلب ڪيا ويا، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڊي آءَ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراھي ۾ جوڙيل ٽيم سومر 22 اپريل تي شھيد بينظير آباد ۾ گڏجاڻي ڪئي، ذريعن موجب ستن ڪلاڪن جي ڊگھي ويھڪ دوران پريا ڪماري جي والد، چاچي سميت ٻين گھر ڀاتين جا انٽرويوز ڪيا ويا، جنهن بعد جاچ ٽيم سنگرار جي چڱي مڙس زاھد شاھه، پريا ڪماري جي ڪجهه مائٽن سميت 16 ڄڻن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ايس ايس پي سکر کي 26 اپريل تي 16 ڄڻن جي موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هوڏانهن جاچ ٽيم ۾ شامل هڪ پوليس آفيسر ٻڌايو ته پريا ڪماري جي والدين پاران جاچ ٽيم آڏو بيان دوران ايندڙ گڏجاڻي سکر بدران شھيد بينظير آباد ۾ ڪوٺائڻ جي زباني درخواست ڪئي وئي هئي،  سندن چوڻ هو ته  کين سکر بدران شھيد بينظير آباد اچڻ ۾ آساني رھي ٿي، ھتي اھي آساني سان بيان رڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا.

 جاچ ڪريون پيا، پريا ڪماري بابت سٺي خبر ايندي: جاچ ڪاميٽي سربراهه

ڄامشورو(رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي کي ڪليوز ملي ويا، جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي پاران ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ دعا جي اپيل، ان ڏس ۾  معصوم پريا ڪماري جي بازيابي واري معاملي تي جوڙيل تازو جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ڄامشوري ۾ پنھنجي اخبار سان ڳالهيندي جاچ ۾ اڳڀرائي جو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جاويد جسڪاڻي جو چوڻ هو ته جاچ ڪميٽي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪيس پراڻو آهي انھي لاءِ وڌيڪ وقت لڳي رهيو آهي ٻڌڻ وارا دعا ،ڪن ته اسان ڪا سٺي رزلٽ ڪڍي سگهون. پريا جي بازيابي لاءِ ماضي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽين ڪيترو ڪم ڪيو هو انهن کان انگ اکر وٺي انهي جي آڌار تي جاچ ڪري رهيا آهيون. ڪا شاهدي ملي آهي يان نه انهي تي نٿو ڳالهائي سگهان پر سمجهان ٿو ته رزلٽ سٺي ايندي سندس چوڻ هو ته اسان کي ڪم ڪرڻ لاءِ لائين ۽ ثابتي کپي ٿي، جنھن تي ڪم ڪري سگهون،ڪجهه رستا مليا آهن جن تي ڪم ڪري رهيا آهيون اميد ته ڀلي خبر ايندي.