دادو(رپورٽر) ڊي ايچ ڪيو اسپتال دادو جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر پاران معائنو ڪرڻ دوران خانگي سيڪيورٽي گارڊن وارڊ جو گيٽ بند ڪري ڇڏيو.  شهر جي شهباز ڪالوني جي رھواسي 8 سالن جي معصوم نينگر خيرل پٽ محمد علي  لغاري کي تيز بخار سبب اسپتال آندو ويواسپتال جو  گيٽ نه کولڻ سبب نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.  نينگر جي پيءُ  محمد علي چيو ته   ٻارڙن جي وارڊ جي گيٽ  کي تالا هئڻ ڪري ٻن ڪلاڪن تائين گيٽ تي بيٺا رهياسين ، معصوم جي حالت نازڪ ٿي وئي  پر گارڊن گيٽ نه کوليو ، جنهن سبب معصوم تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.