ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) گهاري جي معطل ايس ايچ او انور شر جي پٽ پاران عورت ۽ مرد کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بابت ڊي آءِ جي حيدرآباد جي ڏنل ھدايتن کي ٺٽي پوليس ٿڏي ڇڏيو۔  اھلڪار پنهنجي پٽي ڀائي ۽ سندس پٽ کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل ـ ايس ايس پي بدين کي به جاچ لاءِ لکت ۾ ڪو ليٽر نه مليو ـ ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته گھاري جي ايس ايچ او انور شر جي پٽ آصف شر پوليس اھلڪارن سان گڏجي 11 اپريل تي گھاري ۾ ھڪ گھر تي ڇاپو ھڻي فحاشي جي الزام  ھيٺ ٽن عورتن ۽ پنجن مردن کي گرفتارڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ڪيس پڻ داخل ڪرايو ھو ـ جڏهن ته 2 ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي ھئي، جنهن ۾ ايس ايڇ او جو پٽ ۽ ھڪ پوليس اھلڪار ھڪ عورت ۽ مرد کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ۽ تذليل ڪندي اچي نظر رھيا ھئا ـ انھي وڊيو جو ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق نواز ڌاريجو نوٽس وٺي ايس ايچ او گھارو انور شر کي معطل ۽ رورٽ ڪري کيس سب انسپيڪٽر  مان اسٽنٽ سب انسپيڪٽر  ڪري ڇڏيو ھو، جڏهن ته پوليس اھلڪارن کي پڻ معطل ڪيو ھو، ڊي آءَ جي تشدد ڪرڻ واري وڊيو ۾ نظر ايندڙ ايس ايڇ او جي پٽ آصف شر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ھو پر ٺٽي پوليس پاران واقعي جو رات تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو ھو ـ ھوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي بدين ٻڌايو ته کيس لکت ۾ ڪا به انڪوائري ڪرڻ جو ليٽر ناھي مليو، انھي ڪري ھن اڃا تائين جاچ شروع ناھي ڪئي ـ