اسلام آباد(م ڊ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ(فافن) تازو ضمني چونڊن تي پنهنجي جائزه رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ووٽن جي ڳڻپ سميت چونڊ عمل وڏي حد تائين مناسب طريقيڪار موجب هو، ڪجهه هنڌن تي تشدد جا واقعا ٿيا، رپورٽ ۾ وڌيڪ ڇيو ويو اهي ته ضمني دوران ٽرن آئوٽ 8 فيبروري جي جنرل اليڪشن جي ڀيٽ ۾ تبديل ٿيندي نظر آيو، لاهور ۾ ته ٽرن آئوٽ واضح طور تي گهٽ رهيو، گجرات، خضدار ۽ قلعه عبدالله ۾ ووٽرن جو وڏو تعداد آيو، جائزه رپورٽ ۾ فافين چيو ته ووٽرن جي ٽرن آئوٽ جي شرح تقريبن 36 سيڪڙو رهي، جيڪا 8 فيبروري جي چونڊن جي مقابلي ۾ گهٽ رهيو، عورتن جي ووٽ جي شرح ۾ 12 سيڪڙو  ۽  مردن جي شرح ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.