نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي مخالف ڌر واري جماعت ڪانگريس اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي چونڊ مهم ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ٿيل شڪايت ۾ ڪانگريس پارٽي جو چوڻ هو ته نفرت ۽ اعتراض جوڳن بيانن سان هڪ خاص مذهبي برادري کي نشانو بڻائي چونڊ مهم جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا بيان ڀارتي تاريخ ۾ عهدي تي موجود ڪنهن به وزيراعظم طرفان ڳالهايل لفظن کان وڌيڪ تڪراري آهي، ڪانگريس پارٽي جي ترجمان اڀي شيڪ مانو سنگهوي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان اهڙي عمل تي ڀارتي وزير اعظم خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي