ڏهرڪي: ڌاڙيل جي فونز مان سهولتڪارن جا نمبر هٿ، دوربين ۽ گوليون پهچائيندڙ بااثر گرفتار

0
46
ڏهرڪي: ڌاڙيل جي فونز مان سهولتڪارن جا نمبر هٿ، دوربين ۽ گوليون پهچائيندڙ بااثر گرفتار
ڏهرڪي: ڌاڙيل جي فونز مان سهولتڪارن جا نمبر هٿ، دوربين ۽ گوليون پهچائيندڙ بااثر گرفتار

ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) رائونتي جي بدنام ڌاڙيل جا موبائيل فون هٿ اچڻ بعد سوين سهولتڪارن جا موبائيل مان نمبر، ميسجز ۽ ٻيا ثبوت هٿ، گرفتاريون شروع، هڪ بااثر شخص گرفتار، اڻ ڄاتل هنڌ منتقل

خبر موجب ٻه ڏينهن اڳ رائونتي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ بدنام ڌاڙيل راحب شر کي زخمي ڪيو هو، جنهن دوران راحب شر جا موبائيل فون ڪري پيا هئا، جنهن بعد پوليس راحب شر جي موبائيل فون مان سهولتڪارن جا نمبر، ميسيجز ۽ نالا هٿ ڪري ورتا آھن، پوليس سهولتڪارن جا ثبوت هٿ اچڻ بعد گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون آھن

ان ڏس ۾ ڏهرڪي جي بااثر ڪمال مهر ناٿاڻي کي پوليس گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، جنهن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي

پوليس ذريعن جو چوڻ آھي ته ڪمال مهر ڌاڙيل راحب شر کي دوربين ۽ گوليون پهچائيندو هيو، ذريعن موجب ڪيترائي پڪي جا شهري به آھن، جيڪي ڏوهارين جا سهولتڪار بڻيل آهن جن جا فونن مان ثبوت مليا آھن، ذريعن موجب اهڙن ماڻهن جون لسٽون ٺاهيون پيون وڃن، جن خلاف به جلد ڪارروائي متوقع آهي