ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) حنيف بجاراڻي جي aدرخواست تي عدالت جي حڪم تي بي سيڪشن ٿاڻي تي ايم اين اي  شبير علي بجاراڻي، اشرف پٽ بجار بجاراڻي،گل پٽ مورڻ ڏاهاڻي، فوج علي پٽ شهبازي ڏاهاڻي، مير خان عرف ٽوٽو پٽ اسماعيل، الهيار پٽ غلام نبي، يار محمد پٽ غلام نبي، محمد پٽ فتح محمد مٿان تي ڪيس داخل ڪيو ويو. حنيف بجاراڻي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته منهنجي پٽ محمد عالم بجاراڻي عام چونڊن دوران پيپلزپارٽي جي شبير بجاراڻي جي مقابلي ۾ اين اي 192 تي مقابلو ڪيو. هن چيو ته 8 فيبروري تي جعلي ٺپا هنيا پيا وڃن سوشل ميڊيا تي اهڙو معاملو لکيو ته مون تي حملو ڪرايو ويو.