ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايچ اي) ۾ ملير جي 200 ايڪڙ زمين جي تڪرار جو نبيرو ٿي ويو،  ڊي ايڇ اي سپريم ڪورٽ ۾ زمين بابت داخل اپيل واپس وٺي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ اپيل جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ايڏي وڏي رقم آهي، معاملو ڪيئن طئه  ٿيو؟ ڇا ڊي ايڇ اي سنڌ حڪومت کي پئسا ڏنا؟ جڏهن ته بورڊ آف روينيو جي دعويٰ ڪروڙين رپين جي هئي،  سيٽلمينٽ ڪيئن ٿي، اهو ٻڌايو؟ جنهن تي ڊي ايڇ اي جي وڪيل جو موقف هو ته اسان سنڌ حڪومت کي ملير جي مختلف ديهن ۾ 200 ايڪڙ زمين لاءِ  ٻه ڪروڙ 72 لکن جي ادائگي ڪئي وئي هئي پر ملير رور پروٽيڪشن آرڊيننس جي نالي ۾ زمين  جو قبضو ڊي ايڇ اي کان واپس ورتو ويو هو،  سنڌ حڪومت 282 ايڪڙ متبادل زمين ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي. سنڌ حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي اختيار جو حق استعمال ڪيو آهي، ڇو ته زمين گهٽ قيمت تي زمين الاٽ ٿي هئي. ڊي ايڇ اي جي وڪيل وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت نئين ريٽ موجب رقم جي گهر ڪئي. ڊي ايڇ اي سنڌ حڪومت جي لينڊ آرڊيننس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي ايڇ اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. ڊي ايڇ اي اهو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو پر هاڻ عدالت ڊي ايڇ اي طرفان درخواست واپس وٺڻ جي اپيل منظور ڪري ورتي.