اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عدالتي معاملن ۾ ايجنسين ۽ انتظاميا جي مبينه مداخلت واري معاملي تي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهيءَ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، فل ڪورٽ اجلاس ۾ 8 ججز شرڪت ڪئي، سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکندڙ 6 ججز جسٽس محسن اختيار ڪياني، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب طاهر، جسٽس ثمن رفعت امتياز به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، خط تي صحيح نه ڪندڙ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به اجلاس ۾ موجود رهيو، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آفيس ججز جي خط واري معاملي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کان به تجويزون طلب ڪيون آهن، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ هاءِ ڪورٽ جا جج اڳ ئي پنهنجيون تجويزون جمع ڪرائي چڪا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز عدالتي معاملن ۾ ڳجهي اداري جي مبينا مداخلت بابت سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو هو. فل ڪورٽ اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججز شرڪت ڪئي، فيصلو ڪيو ويو ته ججز جي خط تي سوموٽو ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ جو متفقه پيش ڪيو ويندو، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس تقريبن اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهيو، خط تي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کان علاوه باقي سمورن ڇھن ججز صحي ڪئي ھئي. 6 ججز جي خط واري معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ڪنهن به مداخلت تي اداراجاتي رسپانس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سمورن ججز عدالتي معاملن ۾ مداخلت تي ردعمل ڏيڻ جو متفقه فيصلو ڪيو، فل ڪورٽ اجلاس ۾ سامهون ايندڙ تجويزن کي ڊرافٽ جي شڪل ڏني ويندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ متفقه تجويزون سپريم ڪورٽ کي موڪليندي، فل ڪورٽ اجلاس ۾ تجويزن تي ڪوئي اختلاف سامهون نه آيو، تجويزن جو ڊرافٽ تيار ڪري مقرر تاريخ کان اڳ سپريم ڪورٽ کي موڪليو ويندو، ذريعن موجب اجلاس خوشگوار ماحول ۾ ٿيو.