اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي جو پروگرام ضروري آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ۽ ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ضروري آهي. اسلام آباد بزنس سمٽ 2024 ۾ ترقي جي لاءِ تعاون جي موضوع تي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته ملڪي معيشت ۾ ٽيڪس جو حصو 9 سيڪڙو آهي جيڪو خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهي، توانائي جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته هن هفتي جي آخر ۾ آءِ ايم ايف طرفان آخري قسط جاري ٿي ويندي. اسٽاڪ مارڪيٽ به تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، جون تائين ملڪي ناڻي جا ذخيرا 10 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندا، ذخيرا 16 اپريل 2024 تائين وڌي 13.3 بلين ٿي ويا آھن جيڪي جون 2023 تائين 9.7 بلين ھئا. محمد اورنگزيب ٻڌايو ته آءِ ايم ايف قرض پروگرام ۾ هجون ته ڪوبه پلان بي نه هوندو آهي. اسان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاوربار ڪرڻ نه هوندو آهي. انهي جي ڪري سمورين وزارتن کي چيو ته سرڪاري ادارن کي نجڪاري طرف کڻي وڃو، اسان نجڪاري کي تيز ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 74 سيڪڙو گهٽ ٿي 1.0 بلين ڊالر رهجي ويو. ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ صوبن جي مشاورت سان هلڻو پوندو. هوڏانهن عالمي مالياتي اداري جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس 29 اپريل تي ٿيندو جنهن۾ پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدي جي آخري جائزي جي منظوري ڏني ويندي.