اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين تحريڪ انصاف بيرسٽر گوھر علي خان چيو آھي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ 21 گواھه مڪمل ٿي چڪا آھن، ھن ڪيس ۾ جلد کان جلد عمران خان کي سزا ڏياري ويندي، اعليٰ عدليه ۾ ھي ڪيس به سياسي بنيادن تي ٺھيل ثابت ٿيندو. راولپنڊي اڊيالا جيل ٻاھران صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته  پنجاب ۾ ضمني چونڊ ۾ پھريان کان بيلٽ باڪس ڀريل ھئا، اسان کي ليول پلئينگ فيلڊ نه پئي ڏني وڃي، ان جو ووٽ صحي طريقي سان ڳڻيو وڃي، باني تحريڪ انصاف جو مطالبو آھي ته ڪميشن جوڙي فارم 45 تي جاچ ڪرائي وڃي ھا ته ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ٿئي ھا. هن چيو ته بشريٰ بي بي بني گالا ۾ اڪيلي آھي، بني گالا ۾ جيترا وڻ، ٻوٽا پوکيا انھن کي پاڻي ناھي ڏنو ويندو اھي خراب ٿي چڪا آھن، بني گالا ۾ وڻن کي پاڻي ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته اِن ڪيس تي رول آف لا واري نقطي تي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو، اسان مزاحمت نه پر پنھنجي حقن جي جنگ وڙھي رھيا آھيون. گوهر خان چيو ته باني تحريڪ انصاف پاور شيئرنگ تي يقين ناھي رکندو. ھو جمھوريت تي يقين رکي ٿو. ڪنھن سان به ڳالھيون نه ٿي رھيون آھن. جيڪڏھن ڪنھن سان ڳالھيون ٿيون ته سري عام اعلان ڪنداسين.