اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم شهباز شريف ٽئڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي دير جو نوٽيس وٺندي اسلام آباد جي چيف ڪمشنر ان لينڊ روينيو ۽ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف حڪومت سنڀالنيدي ئي ايف بي آر سڌارا فوري طور لاڳو ڪرڻ جا آرڊرز جاري ڪندي ذاتي طور ان عمل جي نگراني جو فيصلو ڪيو هو. ٽئڪس ٽربيونلز ۾ هن وقت حڪومت جا سوين ارب رپين جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته وزيراعظم چيف جسٽس آف پاڪستان کان سمورا ڪيس جلد اڪلائڻ جي درخواست پڻ ڪئي هئي. اسلام آباد ۾ ايف بي آر جي وڪيل طرفان عدالت ۾ اهڙي ئي هڪ ڪيس جي تاريخ ۾ دير جي درخواست تي وزيرِاعظم نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور واقعي جي انڪوائري جي هدايت ڪئي. وزير اعظم محمد شھباز شريف جو چوڻ آھي ته قومي خزاني جو سوين ارب قانوني تڪرارن جو شڪار آھي، ان حوالي سان ڪنھن به قسم جي لاپرواھي، ڪوتاھي قبول نه ڪئي ويندي. عوام سان ڪيل واعدي تحت ٽيڪس نظام جي پاڻ نگراني ڪري رھيو آھيان. ملڪ ۽ قوم جي ھڪ ھڪ پائي بچائڻ ۽ ٽيڪس وصولن ۾ اضافي جي لاءِ ڏينھن رات محنت ڪرڻي پوندي.